سنڌ ۾ منڪي پاڪس جا هاڃا: صحت وارو عالمي ادارو ميدان تي اچي ويو

نيويارڪ/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) خيرپور ۾ منڪي پاڪس جي ڦهلاءَ جي روڪٿام لاءِ ويڪسين فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.
خيرپور ۾ منڪي پاڪس جي ڪيسن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ٻين ضلعن تائين ان وچڙندڙ بيماري جي پکڙجڻ جون خبرون پڻ سامهون آيو آهن.
اختيارين موجب، ويڪسين رڳو مخصوص هاءِ رسڪ گروپن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڏني ويندي.
صحت کاتي صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪ معلوماتي ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ريسڪيو 1122 سان ترت رابطي ۽ ريفرل سسٽم کي به يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ان کانسوءِ صوبائي ڊي جي هيلٿ اسپتالن ۾ ايم پاڪس رسپانس يونٽ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
صحت کاتي موجب، تازن ڄاول ٻارن ۾ منڪي پاڪس سبب هينئر تائين 7 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.