ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ پنهنجي ساٿي رانديگر پيٽر سڊل کي ”چاچو“ چئي ڇڏيو.
ملتان سلطانز جي اسٽيو سمٿ پوسٽ ميچ بابت ڳالهائيندي پيٽر سڊل کي ”چاچو“ چئي مخاطب ڪيو.
ملتان سلطانز جي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز خلاف فتح کانپوءِ اسٽيو سمٿ ۽ پيٽر سڊل ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا، جنهن جي شروعات ۾ اسٽيو سمٿ چيو ته ”هاءِ اسٽيو اينڊ چاچا، هو هتي چاچي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.“
چاچي چوڻ کانپوءِ ٻنهي ڪرڪيٽرن خوشگوار موڊ ۾ کلندا رهيا.
واضح رهي ته بي بي ايل دوران حارث رئوف پيٽر سڊل کي چاچو چوڻ شروع ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ پيٽر سڊل ميڊيا ٽاڪ دوران چاچو سڏڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
ان کانسواءِ پيٽر سڊل پاڻ کي پرڏيهي چاچو ۽ افتخار احمد کي لوڪل چاچو قرار ڏنو هو.
اسٽيو سمٿ ۽ پيٽر سڊل ملتان سلطانز جي هڪ ٻي ڪاميابي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن ماڻڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
پيٽر سڊل چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽاس کٽي، ٽاس کٽڻ سدائين سٺو هوندو آهي، پهرين بالنگ ڪئي ۽ هن ڀيري بالنگ به سٺي ڪئي سين.
اسٽيو سمٿ چيو ته اسپن بالنگ سٺي رهي، پهرين نواز اسپن ڪئي پوءِ عرفات غير معمولي بالنگ ڪئي، اسان جي ڪپتان به سٺي بالنگ ڪئي، 160 کان وڌيڪ رنسون ٺهي سگهن پيو پوءِ اسان ٽارگيٽ جو پيڇو ڪيو.
اسٽيو سمٿ چيو ته شان مسعود ۾ هر ميچ سان بهتري اچي رهي آهي، شاٽس لاءِ وٽس تمام گهڻي طاقت آهي، هو بال جو اوسيئڙو ڪري ٿو، سٺو هدف چيس ٿيو، ٽاپ آرڊر ۾ فرحان سان بيٽنگ سٺي رهي، فرحان معياري رانديگر آهي، اسان جو سٺو ڪامبينيشن ٺهي ويو آهي، اميد آهي ته ٽيم جو تسلسل جاري رهندو.
پيٽر سڊل وڌيڪ چيو ته اسان جو هدف اهو هو ته مخالف کي گهٽ اسڪور تائين محدود رکون، پوءِ ٿورو ماڪ جو به اثر ٿيو، اسٽيو سمٿ ٻيهر سٺي اننگز کيڏي، هو ڪڏهن مايوس نٿو ڪري، فرحان سان سندس ڀائيواري ڏسي مزو آيو.
Prev Post
You might also like