مورو (رپورٽ: جاني مورائي) مورو ۾ بي گناهن جي آزادي لاءِ جاري احتجاجي تحريڪ کي 21 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، جنهن ۾ هڪ منفرد ۽ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيو. مورو پريس ڪلب آڏو جاري ڌرڻي ۾ معصوم نياڻين ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهن ننڍڙين نياڻين هٿن ۾ شمعون ۽ ميڻ بتيون کڻي بي گناهن جي آزادي لاءِ دعائون گهريون ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم ٻارڙن جي هن تحريڪ ۾ شموليت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معاشري جو هر فرد بي گناهن سان ٿيندڙ زيادتي خلاف ميدان تي اچي ويو آهي. شهرين جو چوڻ هو ته شمعون روشن ڪرڻ امن ۽ انصاف جي اميد آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بي گناهن کي فوري طور آزاد ڪري علائقي ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي. پنهنجي حقن لاءِ هيءَ پرامن جدوجهد مطالبن جي مڃتا تائين جاري رکي ويندي.