تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب جي سڌ سماءَ واري شعبي اعلان ڪيو آهي ته آپريشن وعده صادق 4 جي 89 هين لهر تحت اسرائيل جي مختلف شهرن ۽ آمريڪي هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
جاري ڪيل بيان موجب، اسلامي جمهوريه ايران جي هٿياربند فوج ۽ علائقي جي مزاحمتي گروهن گڏيل ۽ مربوط ڪارروائي ڪندي هن لهر کي انجام ڏنو.
ان دوران 100 کان وڌيڪ ڳرا ميزائل، حملا ڪندڙ ڊرون ۽ 200 راڪيٽ اولهه ايشيا جي وڏي علائقي ۽ والاريل فلسطين جي اتر کان ڏکڻ تائين مختلف هدفن تي فائر ڪيا ويا.
پاسدارانِ انقلاب موجب، ڪارروائين دوران ايلات، تل ابيب ۽ بني براڪ سميت مختلف هنڌن تي اسرائيلي فوجي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ اسرائيل کي وڏو جاني نقصان ٿيو آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ته بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي، جتي مبينا طور 80 اهلڪار موجود هئا، کي نهايت درستگي سان نشانو بڻايو ويو. اهڙي طرح العديد اڏي تي آمريڪي فوج جي هيليڪاپٽر يونٽ تي بيلسٽڪ ميزائلن ذريعي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هيليڪاپٽر تباهه ۽ ٻيا سخت متاثر ٿيا آهن.
پاسدارانِ انقلاب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هي لهر اڃا تائين پوري شدت سان جاري آهي ۽ ايندڙ اڳڀرائي بابت وڌيڪ ڄاڻ بعد ۾ جاري ڪئي ويندي.