ايراني فوج جي وڏي ڪارروائي، خطي ۾ آمريڪي جاسوس جهازن ۽ تيل مرڪزن تي ڊرون حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي دعويٰ ڪئي آهي ته فوج طرفان علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن، اويڪس (جاسوس جهازن) ۽ تيل ڀريندڙ جهازن جي مرڪزن کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صهيوني حڪومت ۽ آمريڪا طرفان ايران جي رهائشي ۽ غير فوجي علائقن تي ڪيل وحشياڻي هوائي حملن جي جواب ۾ اڄ صبح کان ايراني فوج ڊرون ڪارروائيون شروع ڪيون آهن.
بيان موجب، ايراني ڊرونز ذريعي بن گوريون هوائي اڏي تي موجود آمريڪي جاسوس جهازن، تيل ڀريندڙ جهازن جي مرڪزن، ريڊار سينٽرن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود برقي جنگي نظام وارين سائيٽن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن حملي ۾ 2 هزار ڪلوميٽر تائين اڏامڻ جي صلاحيت رکندڙ جديد آرش 2 ڊرونز استعمال ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.