برطانيا جو آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ عالمي سربراهي اجلاس سڏائڻ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته هاڻي اهو واضح ٿي رهيو آهي ته برطانيا جو ڊگهي مدي وارو قومي مفاد يورپي ملڪن ۽ يورپي يونين سان ويجهي ڀائيواري ۾ آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي اخبار ٽيليگراف کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هو آمريڪا کي نيٽو اتحاد مان ڪڍڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران جڏهن ته  وزيراعظم اسٽارمر کان پڇيو ويو ته ڇا هو ٽرمپ سان ڇڪتاڻ سبب يورپ جي ويجهو وڃي رهيو آهي؟
جنهن جي جواب هن چيوته هو يورپ ۽ آمريڪا مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه پيو ڪري، پر ٻنهي سان مضبوط لاڳاپا ملڪي مفاد ۾ آهن.
برطانوي وزيراعظم چيو ته ايران جنگ ۾ شامل ٿيڻ بابت موقف تبديل ڪرڻ لاءِ مٿس تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو، پر هو پنهنجو فيصلو نه بدلائيندو.
هن چيو ته ڀلي ڪيترو به گوڙ هجي، هو قومي مفادن موجب ئي فيصلا ڪندو.
معاشي اثرن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته صورتحال سولي نه هوندي.
پريس ڪانفرنس دوران هن اعلان ڪيو ته برطانيا جو پرڏيهي وزير عالمي اڳواڻن جي هڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ آبناءِ هرمز ۾ جهازراني جي بحالي واري منصوبي تي غور ڪيو ويندو.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.