روسي فوجي جهاز ڪريميا ۾ ڪِري تباهه، عملي سميت 29 ڄڻا اجل جو شڪار

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي بچاءَ واري کاتي موجب، ڪريميا واري علائقي هڪ روسي فوجي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا 29 ماڻهو مارجي ويا.
روسي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اڱاري ڏينهن معمول جي اڏام دوران اين 26 جهاز جو اختيارين سان رابطو ٽٽي ويو هو ۽ پوءِ ان جو ملبو مليو.
بچاءَ واري وزارت حادثي جو سبب فني خرابي قرار ڏنو ۽ چيو آهي ته جهاز کي ڪو به ٻاهريون نقصان ناهي پهتو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جهاز ميزائل، ڊرون يا پکين جي ٽڪرائڻ سبب ناهي ڪِريو.
حادثي وقت جهاز ۾ عملي جي ستن ماڻهن سميت 23 مسافر سوار هئا، روس ۾ جهاز حادثي تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته حادثي وقت جهاز يوڪرين جي علائقي ڪريميا جي مٿان اڏامي رهيو هو.
ڪريميا يوڪرين جو اهو حصو آهي جنهن کي سال 2014 ۾ روس پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.
ٻئي طرف جهاز حادثي بابت يوڪرين طرفان اڃا تائين ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.