واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ کي وڌيڪ طول ڏيڻ بدران ان کي جلد ختم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. رپورٽ موجب ٽرمپ پنهنجي مشيرن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو آبنائي هرمز کولڻ جو پيچيده آپريشن ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪري جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته ايران جا بجلي گهر، تيل جا کوهه ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جا پلانٽ تباهه ڪيا ويندا. ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ جو چوڻ آهي ته ايران سان جنگ جي خاتمي بابت هاڪاري ڳالهيون جاري آهن ۽ ايران آمريڪا جي ڪجهه اهم تجويزن سان اتفاق پڻ ڪيو آهي. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو ايران جي جن نون ماڻهن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اهي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معقول ثابت ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري پرامن حل جي اميد پيدا ٿي وئي آهي. ڪيرولين ليوٽ وڌيڪ چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ عرب ملڪن کي ايران خلاف جنگ جو بار کڻڻ لاءِ خرچن ۾ سهڪار جو چئي سگهي ٿو.