ڪنھن ڏاھي جو قول آهي ته جيڪڏهن سڄي ملڪ جي ادارن ۾ تباھي اچي وڃي، ھر ادارو ڪنگال بڻجي وڃي پر انصاف وارا ادارا بھتر ڪم ڪندڙ ھجن ته ملڪ ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجي پيرن تي بيهي ترقيءَ جو سفر ڪري سگھي ٿو، ان جي ابتڙ جيڪڏهن پورو ملڪ ترقي يافته ھجي پر انصاف وارا ادارا ڪم ۾ سستي جو مظاهرو ڪن ته ترقي يافته ملڪ ڪنگال بڻجڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن۔
اسان جي ملڪ جي مقدس عدالتن اندر ھميشه جانبداراڻو ۽ تڪراري انصاف رهيو آهي ، جنھن جا ملڪي تاريخ ۾ ڪافي مثال سامهون ملن ٿا ، خاص ڪري ذوالفقار علي ڀُٽو جو عدالتي قتل ۽ مير مرتضي ڀٽو جي قاتلن کي باعزت بري ڪيو ويو هو، پر افسوس ته گذريل ڏينهن ھڪ وري ٻيھر دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب جي وارثن جي فيصلي جو عدالتي قتل ڪيو آهي ، ھاڻي ميھڙ جي ٽن مقتولن سان گڏ سنڌ جو انصاف به قتل ۾ شمار ٿي ويو آهي ، اھڙي فيصلي کان پوءِ سردار ڪامياب ٿي ويا انصاف ھارائي ويو ، ڪيس ۾ 8 جوابدار طور شامل ٿيل سڀني جوابدارن کي باعزت بري ڪيو ويو ، مطلب ته ام رباب جي اٺن سالن جي جدوجھد کي اٺن منٽن ۾ ائين ختم ڪيو ويو جيئن عدالتن مان انصاف ختم ٿي چڪو آهي.
منھنجي سوچ مطابق ملڪي تاريخ جو ھي ٻيو ڪيس آهي ، جنھن ۾ سڀني جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي ، ان کان اڳ شھيد مير مرتضي ڀٽو جي سڀني قاتلن کي باعزت بري ڪيو ويو هو ، ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ميھڙ جي ٽن شھيدن کي ڏينھن ڏٺي جو ڪنھن ماريو ؟ اُھي قاتل ڪٿي آهن ؟
طاقت ، دولت اور جبر کے سامنے آج قانون بھي جھک گيا!
جنھيں کل مجرم کها تھا انھيں آج بري کرديا
جيڪڏهن سردار ڀائر جوابدار نه آھن ته پوءِ چار سال اڳ سردار ڀائرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڇو ڪيا ويا ؟
جنھن جي لاءِ ان وقت سنڌ پوليس سردار ڀائرن جي گرفتاري لاءِ قمبر شهدادڪوٽ ۾ گڙتل ۽ ڪراچي ڊفينس ۾ ڇاپا هڻي کين گرفتار ڪرڻ لاءِ پھتي ته جوابدار اڳ نڪري ويا سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان ھڪ ڊگھي وقت جي لاءِ ضمانت تي آزاد ھئا ، شايد ھي تاريخ جي پھرين ضمانت ھئي جيڪا ايتري ڊگهي وقت تائين ھلي، پر افسوس ته جڏهن فيصلي جو ٽائم ٿيو ته ساڳين جوابدارن کي ڪھڙي قانون تحت بري ڪيو ويو ، خير جيڪڏهن گرفتار جوابدار بي ڏوهي ھئا ته پوءِ گذريل اٺن سالن کان انھن کي ڪھڙي قانون تحت جيل ۾ رکيو ويو .
ھينئر سوشل ميڊيا جي جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ ھر ماڻھو شعور يافته بڻجي ويو آهي ، ۽ سڀ ڄاڻڻ چاھين ٿا ته آخر سڀني جوابدارن کي ڪھڙي قانون تحت بري ڪيو ويو ؟ آخر ميھڙ جي شھيدن جا قاتل ڪير ھئا ؟ يا قاتل ان شعر موجب ھئا
قاتل کي يه دليل بھي منصف نے مان لي
مقتول خود گرا تها خنجر کي نوک پر
حقيقت آھي ته پاڪستان جي عدالتي تاريخ گواھ رھي آھي ته مقدس عدالتن اندر ھميشه انصاف جو ٻِٽو معيار رھيو آھي غريبن مسڪينن جي لاءِ ھڪڙو قانون ۽ وڏيرن ڀوتارن سردارن جي لاءِ ٻيو قانون ھوندو آھي ، جنھن جي ڪري ھميشه غريبن مسڪينن سان ظلم زيادتي ڪري وڏيرن ڀوتارن سردارن کي مضبوط ڪيو ويو آهي ، ايئن کڻي چئجي ته ام رباب جي خلاف آيل فيصلي سان قانون ڪمزور ۽ سردار ڀوتار مضبوط ٿيا آهن جيڪو ايندڙ حالتن ۾ غريبن مسڪينن جي لاءِ افسوس جو مرحلو آهي.
اھڙي فيصلي کان پوءِ سردار ڪامياب ٿي ويا انصاف ھارائي ويو ، ڪيس ۾ 8 جوابدار طور شامل ٿيل سڀني جوابدارن کي باعزت بري ڪيو ويو ، مطلب ته ام رباب جي اٺن سالن جي جدوجھد کي اٺن منٽن ۾ ائين ختم ڪيو ويو جيئن عدالتن مان انصاف ختم ٿي چڪو آهي. منھنجي سوچ مطابق ملڪي تاريخ جو ھي ٻيو ڪيس آهي ، جنھن ۾ سڀني جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي ، ان کان اڳ شھيد مير مرتضي ڀٽو جي سڀني قاتلن کي باعزت بري ڪيو ويو هو ، ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ميھڙ جي ٽن شھيدن کي ڏينھن ڏٺي جو ڪنھن ماريو ؟ اُھي قاتل ڪٿي آهن ؟