ڪراچي ۾ اڌ ڪلاڪ جو طوفان ۽ انساني الميا

تحرير: جڳديش آهوجا

18 مارچ 2026ع جي رات لڳ ڀڳ 9 وڳي، بالڪني سان لڳندڙ ٽي وي لائونج جا شيشي جا دروازا ۽ دريون اوچتو تيز هوائن جي زوردار جھٽڪن سان کڙڪڻ لڳا. اڳواٽ برسات جي اڳڪٿي ته هئي، پر ڪنهن به طوفان جي ڪا خبر نه هئي. گڏوگڏ اھا وارننگ به جاري ٿي چڪي ھئي ته هن ڀيري برسات جي پاڻي کان پاسو ڪجي، ڇو ته خدشو هو ته تهران ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان تيل جي ذخيرن تي ڪيل حملن سبب صحت لاءِ نقصانڪار ڪيمياتي مادا فضا ۾ پکڙجي ويا آهن، جيڪي شايد اسان جي برسات سان ملي سگهن ٿا۔

ھي اهي ساڳيا "مهذب” ملڪ آهن، جيڪي اسان کي ماحولياتي تحفظ، ترقي ۽ تھذيب بابت درس ۽ امداد ڏيندا رھندا آھن. ۽ اڄ اهي ئي تباهي ۽ موت جا سڀ کان وڏا ڪارڻ بڻيل نظر اچن ٿا. انهن جي ڀڙڪايل باهين جا پڙاڏا اسان تي وسندڙ مينهن ۾ به گونجي رهيا آھن. ڇا اها آفت ڪافي نه هئي، جو جڏهن ڪراچي ۾ برسات آئي ته اها پاڻ سان گڏ طوفان به کڻي آئي، جنهن صرف اڌ ڪلاڪ ۾ 20 انساني زندگين جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.

ان رات ڪراچيءَ هڪ اهڙو طوفان ڏٺو، جيڪو هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت لاءِ جاري رهيو، پر ان ڪيترن ئي انساني المين کي جنم ڏنو. هڪ عام شام، جنهن ۾ رڳو برسات جي اڳڪٿي هئي، اھا ڪيترن ئي گھرن تي قيامت بڻجي ڪڙڪي.  صرف 30 منٽن اندر، 20 ماڻهو پنهنجيون زندگيون وڃائي ويٺا ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔

طوفان جي  تباهيءَ جو  اصل اندازو ٻئي ڏينهن صبح  جو ٿيو۔ بلديه ٽائون ۾ هڪ ڀت ڪرڻ سبب 13 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا۔ لانڍي ۾ هڪ مڙس ۽ زال پنهنجي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مارجي ويا۔ ڪورنگي ۾  موٽر سائيڪل تي ويندڙ هڪ ماءُ ۽ پٽ، جن  طوفان کان بچڻ لاءِ هڪ وڻ هيٺ پناھ ورتي، تن مٿان اھو ئي وڻ اچي ڪريو، پٽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ ماءُ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمي اسپتال داخل ٿي۔ اهي رڳو انگ اکر ناهن؛ اهي انساني زندگين جا الميا آهن، جيڪي جيڪي سندن پيارن کي مستقل جدائي جو روڳ ڏئي ٿا وڃن.

طوفان ته ايندا رھندا آھن پر ڪراچيءَ ۾ تيزي سان ٿيندڙ شهري واڌ، بنا ڪنھن منصوبابندي جي اڏاوتن ۽ حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن قدرتي واقعن کي انساني سانحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي۔

بلديه ۾ ڀت جو ڪرڻ صرف تيز هوائن جو نتيجو ناهي؛ اهو تعميراتي ضابطن جي ناڪاميءَ جو به عڪس آهي۔ ڇت جو ڪرڻ رڳو قدرتي عمل ناهي؛ اهو خراب تعميراتي معيارن ڏانهن اشارو ڪري ٿو۔ وڻ جو ڪرڻ ۽ ان هيٺ بيٺل ماڻهن جو فوت ٿيڻ، نه رڳو طوفان جي غيريقيني حالت ڏيکاري ٿو، پر محفوظ عوامي جڳهن جي کوٽ کي به ظاهر ڪري ٿو۔ ھنن انساني المين جو ذميوار رڳو طوفان ناھي، خود انسان به آھي.

سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلي موسم  کي غير متوقع بڻائي ڇڏيو آهي۔ پر ڏسڻو اھو آھي ته اسان ان جي لاءِ اڳواٽ ڪھڙي رٿابندي ڪيون ٿا. جڏهن هڪ قدرتي واقعو پل ڀر ۾ انساني حياتين جو انت آڻي ٿو ته سوچڻ جي ڳالهھ آهي ته انھن حادثن ۾ حڪومت ۽ سماج جي بي حسي ڪھڙو ڪردار ادا ڪري ٿي؟

انهن سوالن جا جواب رڳو مقامي حڪمراني ۾ ناهن، پر وسيع ملڪي ۽ عالمي پسمنظر ۾ به لڪل آهن۔ ماحولياتي تباهي، جيڪا گهڻي ڀاڱي صنعتي ترقيءَ سبب ٿي آهي تنھن موسمياتي عدم استحڪام جي نئين دور کي جنم ڏنو آهي ۽ ان جا اثر سڀ کان وڌيڪ ڪراچي جهڙن شهرن تي پون ٿا۔

اهو اسان جي دور جو تضاد آهي: جيڪي هن بحران جا گهٽ ذميوار آهن، اهي ئي ان جا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ آهن۔ ساڳئي وقت، اندروني ناڪامين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ عمارتن جي ضابطن تي ڪمزور عملداري، آفتن لاءِ ناقص تياري، ۽ پائيدار شهري رٿابنديءَ جي کوٽ، انساني نقصان کي وڌائيندي رهي ٿي۔

ڪراچي جو اڌ ڪلاڪ وارو طوفان صرف هڪ واقعو ناهي؛ اهو هڪ مسقبل ۾ ايندڙ اوچتين موسمياتي تبديلين دوران انساني حياتين جي تحفظ لاءِ مناسب تياري جو چتاءُ به آھي. اهو ٻڌائي ٿو ته آفتون خالص قدرتي ناهن هونديون۔ اهي ماحولياتي تبديلي، سياسي ترجيحن ۽ سماجي اڻبرابريءَ جي ميلاپ سان پيدا ٿينديون آهن۔ جيڪڏهن وقتائتا قدم نه کڻبا  ته اهڙا واقعا اھڙن ئي انساني المين کي جنم ڏيندا رھندا.

جيئن ڪارل مارڪس چيو هو، مادي حالتون انساني نتيجن کي شڪل ڏين ٿيون، ۽ ڪراچي ۾ اهي حالتون اڻبرابري ۽ غفلت سان ڀريل آهن۔ جڏهن ته فلسفي يورگن هيبرماس اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هڪ انصاف پسند سماج لاءِ معقول عوامي بحث ۽  عوام ڏانهن جوابده ادارا ضروري آهن۔ جڏهن مادي ڍانچو ۽ عوامي احتساب ٻئي ناڪام ٿين ٿا ته قدرتي آفت، نظام جي ناڪاميءَ کي آشڪار ڪري ڇڏي ٿي.

ٻين تي الزام لڳائڻ بدران بهتر آهي ته ان کي اجتماعي ذميواري طور قبول ڪجي۔ اچو ته پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ۽ بهتر نموني سان ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.