قوم پرست اڳواڻن جون گرفتاريون آمريت جي نشاني آهي:رياض چانڊيو

سکر (رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو پاران سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومتي معاشي ۽ انتظامي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي. رياض چانڊيو چيو ته موجوده معاشي منصوبا عوام لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اهي پاليسيون ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃن پيون۔ هن اسمارٽ لاڪ ڊائون کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ان سان تعليم ۽ معيشت ٻئي متاثر ٿينديون۔پريس ڪانفرنس دوران هن عدالتي نظام تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته اڳ ئي ڪمزور نظام کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو پيو وڃي۔ سندس چوڻ هو ته سنڌ جي زرعي معيشت ۽ هاري طبقو حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ناهي۔رياض چانڊيو سنڌو درياھ تي تڪراري ڪينال منصوبن کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي جلالپور ڪينال ۽ گرين پاڪستان منصوبي تي به تنقيد ڪئي۔ سندس موجب اهي منصوبا سنڌ جي وسيلن تي قبضي برابر آهن۔هن وڌيڪ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن ۽ ٻيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪچي جي ڏوهارين جون نمائشي گرفتاريون اصل مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهن. پريس ڪانفرنس دوران هن ڪراچي پريس ڪلب مان قومپرست اڳواڻن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۔سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪوششن کي رد ڪيو۔رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ نسل جا ماڻهو قومي طور سنڌي آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ رهندڙ سنڌي قبيلا به قومي طور بلوچ آهن ۽ ٻنهي علائقن جا ماڻهو صدين کان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن۔ هن واضح ڪيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جو رشتو تاريخي ۽ ثقافتي طور مضبوط آهي انهن کي سازش تحت نه وڙهايو وڃي۔آخر ۾ هن اعلان ڪيو ته 2 تاريخ تي سکر ۾ سنڌ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جي عوام کي گڏ ڪيو ويندو ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ پرامن مزاحمت جاري رکڻ جو عزم ورجايو وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.