ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، آصف بالادي ۽ ٻين جي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي کين فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ سيد زين شاهه چيو ته ملڪ خاص طور سنڌ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، جتي پرامن احتجاج ۽ اظهار جي آزادي جهڙا بنيادي آئيني حق به کسيا پيا وڃن. هن چيو ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت گرفتار سمورا اڳواڻ پرامن سياسي ڪارڪن آهن، جن هميشه عدم تشدد جي نظريئي تحت سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ حق گهرڻ هاڻي ڏوهه بڻجي ويو آهي. سيد زين شاهه وڌيڪ چيو ته گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت پوليس سميت اڪثر ادارن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. سيد زين شاهه حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ڪنهن به ٿاڻي تي سندن گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، جيڪو رياستي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته جسقم اڳواڻن جي غيرقانوني گرفتاري ۽ کين ظاهر نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس ورتو وڃي.