ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جنهن کانپوءِ بورڊ انتظاميا سال 2021 کان 2025 دوران جعلسازي ذريعي ڪامياب قرار ڏنل 2539 شاگردن ۽ شاگردياڻين جا سرٽيفڪيٽ فوري طور رد ڪري ڇڏيا آهن. چيئرمين ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ميرپورخاص، ڪرنل (ر) ڊاڪٽر سيد محمد علمدار رضا پاران جاري ڪيل اعلاميي موجب، جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته بورڊ جي ڪجهه آفيسرن ۽ عملي مختلف اسڪولن توڙي ڪاليجن جي عملي سان ملي ڀڳت ڪري مارڪن ۾ غيرقانوني واڌ ڪئي ۽ جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا. اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته جعلي انرولمينٽ، رجسٽريشن ۽ ٻين رڪارڊ ذريعي شاگردن کي امتحانن ۾ ويهاري من پسند نتيجا حاصل ڪرايا ويا. اهي سڀ شاگرد جيڪي بغير داخلا، انرولمينٽ فارم يا امتحاني ڪارڊ جي سندون حاصل ڪرڻ ۾ ملوث آهن تن جون سندون رد ڪيون ويون آهن. بورڊ انتظاميا سمورن تعليمي ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙين جعلي سندن تي ٿيل داخلائن تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي. چيئرمين متاثر شاگردن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن اسڪينڊل ۾ ملوث آفيسرن ۽ ايجنٽن جي نشاندهي ڪن ته جيئن ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ٿي سگهي. مڪمل تفصيل بورڊ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اعتراض رکندڙ شاگردن کي 30 ڏينهن اندر اصلي دستاويزن سميت ناظم امتحانات سان رابطو ڪرڻ جي مهلت ڏني وئي آهي.