حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب زراعت ڏينهون ڏينهن تباهه ٿي رهي آهي:هاري ڪانفرنس

واهي پانڌي (پ ر)سنڌي هاري تحريڪ جي سڏ تي واهي پانڌي ۾ هاري آبادگار ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي هارين، آبادگارن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي زراعت کي درپيش سنگين مسئلن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب زراعت ڏينهون ڏينهن تباهي طرف وڌي رهي آهي، جنهن سان هارين ۽ آبادگارن جو معاشي استحصال ٿي رهيو آهي.  ڪانفرنس کي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفي چانڊيو، سنڌي هاري تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي نواز ڏاھري، علي نواز عالماڻي، عبدالڪريم لغاري، شيخ جمال برھماڻي، سنڌي ھاري تحريڪ جو ضلعي آرگنائزر يعقوب کوسو، صمد کوسو، سنڌي مزدور تحريڪ اڳواڻ شاھ محمد برھماڻي، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي نائب صدر لال بروھي، محمد عرس بروھي، سنڌي ادبي سنگت شاخ واھي پانڌي جي سيڪريٽري ميانداد برھماڻي، قومي شاعر امير پريمي سگهڙ رحمت الله برھماڻي آبادگار ۽ ھاري اڳواڻ عرس ٻٻر ۽  ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ڪڻڪ سميت ٻين فصلن جا اگهه مارڪيٽ ۾ هٿ وٺي گهٽ ڪيرايا پيا وڃن، جڏهن ته ٻئي طرف زرعي ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جا اگهه بي قابو ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري هاري سخت مالي بحران ۾ ڦاسي پيا آهن. ڪڻڪ جو 3500 اگهه هارين جو معاشي قتلام برابر آهي. سنڌ سرڪار سنڌ جي هارين کي هر آئي ڏينھن تڪيلفون ڏئي رهي آهي. هاري ڪارڊ هارين لاءِ ناهي. هنن چيو ته اڳ به ٽماٽو، بصر ۽ ٻين فصلن سان ساڳيو حشر ڪيو ويو، جنهن هارين کي سخت نقصان پهچايو.ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جيڪي هارين کان سندن زمينون کسي وڏين ڪمپنين حوالي ڪرڻ جي سازش آهي. اهڙي عمل کي سنڌ جي معيشت ۽ زراعت لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو ويو.ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڻي جي کوٽ ۽ ورڇ ۾ ناانصافي به وڏو مسئلو بڻيل آهي، جتي مٿئين وارن علائقن ۾ پاڻي روڪي پڇڙين تائين نه پهچڻ ڏنو پيو وڃي، جنهن سان آبادگاري سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي.ڪانفرنس  ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زرعي جنسن جا اگهه فوري طور وڌايا وڃن، جڏهن ته ڀاڻ، ٻج ۽ دوائن جا اگهه گهٽائي هارين کي رليف ڏنو وڃي. گڏوگڏ ڪچي ۽ پڪي زمينن تان قبضا ختم ڪري بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، هارين لاءِ خاص ڪورٽون ۽ ڪالونيون قائم ڪرڻ ۽ سندن ٻارن لاءِ تعليم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن هارين جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.