اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان پاڪستاني پرچم بردار وڌيڪ 20 جهازن کي گذرڻ جي اجازت ملي وئي آهي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته روز ٻه جهاز آبناءِ هرمز پار ڪندا، ايران جو اهو قدم سٺو سنئوڻ ۽ تعميري آهي، ان جي تعريف ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته اهو هاڪاري اعلان امن ڏانهن اهم قدم آهي، جيڪو اجتماعي ڪوششن کي مضبوط ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ڳالهيون، سفارتڪاري ۽ اعتماد سازي ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
ايران وڌيڪ 20 پاڪستاني جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي: اسحاق ڊار
You might also like