ايران تي جنگ مڙهڻ خلاف آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ٽرمپ خلاف نعريبازي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران تي جنگ مڙهڻ خلاف آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي نو ڪنگز احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ ڇنڇر ڏينهن احتجاجي مظاهرن ۾ 70 لک ماڻهن شرڪت ڪئي، جن ڊونلڊ ٽرمپ خلاف نعريبازي ڪندي جنگ روڪڻ جو مطالبو ڪيو.
هوڏانهن ايران تي جنگ مڙهڻ خلاف اسرائيل جي مختلف شهرن ۾ به هيل تائين جا سڀ کان وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
رپورٽن موجب اٽلي، فرانس، اسپين، جرمني، نيدرلينڊز ۽ آسٽريليا ۾ به ٽرمپ انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي جنگ روڪڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.