تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته تازن حملن ۾ 500 آمريڪي فوجي مارجي ويا يا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڏکڻ فارس ۾ هڪ آمريڪي جنگي جهاز ايف 16 کي به نشانو بڻايو ويو آهي.
پاسداران انقلاب موجب ايف 16 جهاز سعودي عرب جي هڪ ايئر بيس تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪريش ٿي ويو هو، جڏهن ته والاريل فلسطين ۽ خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي صنعتن تي به سخت حملا ڪيا آهن، اڳتي ايراني صنعتن تي حملو ٿيو ته نتيجا انتهائي سنگين هوندا.
پاسداران انقلاب وڌيڪ ٻڌايو ته حيفا ۾ اسٽريٽجڪ اليڪٽرانڪ وار فيئر سينٽر کي نشانو بڻايو آهي، بن گورين ايئربيس تي ٻارڻ جي ذخيرن تي به حملو ڪيو ويو آهي.
You might also like