لاپتا ٿيل شهري صاحبزادا خان گهر واپس اچڻ بعد ٻيهر گم ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس پاران شهرين بابت رپورٽ  پيش ڪئي وئي. پوليس رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شهري صاحبزادا خان، جيڪو 2024ع ۾ لاپتا ٿيو هو، پهرين جنوري تي گهر واپس اچڻ بعد ٻيهر لاپتا ٿي ويو آهي. پوليس موجب شهري جي ٻيهر گم ٿيڻ جو نئون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جي درخواست پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف، پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته سعود آباد مان لاپتا ٿيل شهري بلال خيريت سان گهر واپس اچي ويو آهي، جنهن تي عدالت سندس بازيابي واري درخواست ختم ڪري ڇڏي. ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي دوران عدالت لاپتا شهرين جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان 21 اپريل تائين اڳڀرائي واري رپورٽ ۽ جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت حڪم ڏنو ته لاپتا شهرين جي ڳولا لاءِ هر ممڪن قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي.

ملير ۾ فٽ پاٿ تي ستل شخص مٿان ٽرالر چڙهي ويو، چيڀاٽجي فوت

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي پورٽ قاسم ۾ هڪ تيز رفتار ٽرالر فٽ پاٿ تي ستل شخص کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. پوليس ذريعن موجب پورٽ قاسم جي برٿ نمبر 2 ويجهو هڪ بي قابو ٽرالر فٽ پاٿ تي  چڙهي ويو، جنهن جي هيٺان اچي اتي ستل 45 ورهين جو محمد امين پٽ محمد عمر چيڀاٽجي ويو. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمون پهچي ويون، جن فوتي جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ويجھي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو ٽرالر ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو آهي، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.