دودي سومرو ۽ ريٻاري قبيلي جي وفا

عبدالرزاق سومرو

سورهيه سلطان شهيد دودي سومري جي شهادت ريٻاري قبيلي جون حيرت انگيز رسمون ۽ وفا جي مثالي ڪهاڻي،

دودو سومرو سنڌ جي نه وسرندڙ ڪردار آهي جيڪو صديون گذرڻ کانپوءِ به اهڙي لازوال قرباني جيڪا اڄ به سنڌي قوم جي سنڌ جي هر هڪ فرد کي برزبان ياد هجي ۽ ان تي فخر محسوس ڪندي. اديب، سگهڙ، شاعر، قومي ڪارڪن مطلب ته سنڌ جو هر سڄاڻ ماڻهون انکي پنهنجي اوچي ڳاٽ سان جلسن محفلن ۾ فنڪار ڳائڻن ۽ ٻڌائين ته اهڙي جنگ جيڪا هر طبقي جي ماڻهن وڙهي هجي اها جنگ قومن جي ميراث ۽ قابل فخر هوندي آهي.

ڪي ئي سال گذرڻ جي باوجود به ڄڻ هي لازوال قرباني ڄڻ اڄ به تازي محسوس ٿئي ٿي. جنهن جي اڄ به چوڻي آهي ته مڙس ته ڪو دودو آهين يا سنڌي ماڻهون اڄ تائين پنهنجي پٽن تي دودو نالو رکي فخر محسوس ڪن ٿا. سو شيخ اياز دودو چنيسر ڊرامو به بهترين لکيو آهي ۽ دودي جي شهادت کي هيٺين سٽن سان ڀيٽا ڏني آهي. ”جي تون وڙهندي ماريو ويندين، هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين، دودا تنهنجو ساهه ته ويندو پر ماڻهن جو ويساهه نه ويندو“.

تنهنجو پٽ نه ته تنهنجا پوٽا، رهندا توسان پور وڇوٽا. آزاديءَ لاءِ رهندا آخر ۽ رڙهندي رڙهندي وڙهندا آخر.

تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ ۽ جي چاهين خال ڇڏي وڃ.

سو هي جنگ دنگن ۽ ننگن جي جنگ سڏجي ٿي. اهڙو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي بقا هزارين سال پنهنجي ڌرتي ماءُ ننگ ۽ دنگ بچايا آهن. هڪڙي ئي ڏينهن سنڌ جي ماڻهن پنهنجا 20 هزار ڪونڌر پٽ ڪهايا آهن. ٺٽي ۽ روپا جو رت اڄ به انساني سنڌي ماڻهن جي کوٽائي ڪرڻ تي هڏيون ملن ٿيون سو اڃان سنڌ جو ماڻهو پنهنجي مزاحمت جاري رکيو پيو اچي.

ريٻاري قبيلي سومرا شاهي گهراڻي سان جيڪا وفا ڪئي ان جو ذڪر ڪجي ٿو.

هي قبيلو اصلي هندوستان جي ڪڇ، جيسلمير جو رهاڪو هيو. هي قبيلو مال وند اٺ رڍون ٻڪريون سدائين مال جي چاري جي تلاش ۾ ساوڪ واري هنڌن تي هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪندا رهندا هيا ۽ اصلي پاڻ کي راچپوت نسل مان ظاهر ڪن ٿا هندوڌرم ڪرشن ڀڳوان، ڪالي ديوي مذهبي تهوار پوڄا پاٽ هندو ڌرم وارا آهن. عثمان راهوڪڙو لکي ٿو ته جمعو ريٻاري وٽان معلوم ٿيو ته غوث الدين رت ڇاڻ ڪري گوشت واپرائڻ تي مائل ڪيو هاڻي هي قبيلو ٻاڪرو گوشت، مڇي، مرغي کائن ٿا نه ته اڳ ۾ رت واري شئي نه واپرائيندا هئا. هنن جي رابطي جي زبان سنڌي ڳالهائين ٿا، پر گهر ۾ راجستاني، ڪڇي گاڏڙ لهجي واري زبان ڳالهائين ٿا.

هن قبيلي جا پاڙا ڪجهه ڀانگڙا، مهيش، جالا، موٽڻ وغيرهه ست پاڙا آهن. هنن جون مايون ڀرت ، گج، چنري ڀرڻ جا ماهر آهن پوشاڪ عورتن چوڙا ٻانهن ۾ ٿري ويس.

سنڌ ۾ ڪيئن آباد ٿيا.  سندن قبيلي جي هڪ حسين عورت نالي سونل جي سڱ تان ٿيو ان علائقي جو راجا هن ريٻاري قبيلي کان سڱ گهريو سو هي ٻين ماڻهن سان مٽي مائٽي نه ڪندا آهن. خوف کان هي پنهنجو ماڳ ڇڏي ان ٽائيم دودي سومري جو پيءُ جي بادشاهي هئي. سو هن قبيلي جي اڳواڻن اچي ڀونگر بادشاهه سان احوال ڪيو ته اسان کي پناهه ڏيو. ڀونگر بادشاهه هنن کي سام طور تي رهايو مڪمل تحفظ ڏنو ۽  چاري لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي ته منهنجي راڄڌانيءَ ۾ توهان هر طرح محفوظ هوندئو، سو وجهه وٺي هي قبيلو راتون رارات پيٽ ۾ ت نئين ڪوٽ کان هاڪڙو درياءُ پار ڪري روپاماڙي پهتا جتي کين ڀونگر بادشاهه پناهه ڏني. هي قبيلو انتهائي وفادار ايماندار آهي.

ريٻارين جي سردار فتح ريٻاري وڪيل ڀورو ريٻاري ٻڌايو ته هن وقت اسانجي قبيلي جا ڪجهه ڳوٺ ٻڌا آهن. زمينون خريد ڪيون اٿن هٿيار به خريد ڪيا اٿن. اسان جي قبيلي ۾ تعليم پنج کن ڊاڪٽر ٿيا آهن. ڇهه کن انجنيئر آهن واپار به ڪن ٿا.  هڪڙي اسانجي نوجوان سي ايس ايس نالي جيوڻ ولد لعلو پاس ڪري منزل ماڻي آهي ۽ سردار فتح ريٻاري ٻڌايو ته آءُ سردار مڪيش چاولا سان گڏ واپار ڪندو آهيان. مونکي پنهنجي زمين ۽ پيٽرول پمپ به آهي. وفا جي مثالي ڪردار. جڏهن دودي سومري جي شهادت ٿي ته هن ريٻاري قبيلي جي ماڻهن ڏک ۾ سنڌ توڙي هند ۾ عورتن مردن ٻارڙن ڪارا ڪپڙا پاتا. اها سوڳوار ڪيفيتن تقريبن 5 سئو سالن کان مٿي رهي .

قومي دانشور عبدالواحد آريسر جي هڪڙي مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته سومرن جي هڪ قبيلي ولي ڀائي سومرو سال 1965ع ٽنڊي باگي ۾ سومرن جو ۽ ريٻارين جو ڪٺ گهرائي هن قبيلي کان سوءِ لهرائي. پر جيسلمير جوڌپور جو ريٻاري قبيلو اڃان ڪارا ڪپڙا پائن ٿا. سو اها آهي وفا جي انتها انهيءَ ڪري هن قبيلي کي لطيف سائين هن ريت بيان ڪيو آهي.

ريٻارڻ ريجهاءِ لاکو لاٽين سين

سائو مان سندياءِ ٺٺ مٽائي ٺاڪرو. شاهه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.