اسڪولن جون موڪلون ۽ تعليم جي تباهي

اعجاز ممنائي

هونئن ته اسانجي ملڪ جي تعليم جي تباهيء جا ڪيترائي سبب بيان ڪيا وڃن ٿا، انهن مان هڪ سبب موڪلن جو گهڻو هجڻ به آهي۔ سنڌ صوبي ۾ هن سال2025-26 جا ساليانا امتحان مارچ جي وچ ڌاري ختم ٿي چڪا آهن ۽ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ تي آهي۔ سڄي سال جي تعليمي ڪارڪردگي کانپوءِ تعليمي سرگرمين ۾ عارضي طور وقفو ڪيو ويندو آهي۔ جڏهن ته پرائمري کانپوءِ مڊل اسڪول جا امتحان ختم ٿيندي ئي سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ (SSC) ۽ هائير سيڪنڊري (HSC) جا امتحان اپريل کان شروع ٿيندا آهن، انڪري اسڪولن ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جي ٻارن کي موڪلون ڏنيون وينديون آهن۔ ان موڪلن واري فيصلي تي سدائين استادن، والدين ۽ تعليمي ماهرن وچ ۾ بحث جاري رهندو آهي ته ڇا اهي موڪلون تعليمي نظام لاءِ فائديمند آهن يا نقصانڪار آهن، ڇوته پرائمري اسڪولن جو نظام الڳ آهي ته مڊل اسڪولن کي موڪل ڇو؟ جيڪڏهن مڊل اسڪولن جو نظام الڳ آهي ته هائير ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل ڇا جي آهي؟ ڪجهھ ماڻهن جو خيال آهي ته اهي موڪلون ڪرڻ سان ٻارن کي ذهني سڪون ملي ٿو ۽ استادن جو به ذهن تازو توانو ٿئي ٿو انڪري حڪومت جو اهو هڪ مناسب ۽ مثبت قدم آهي۔

جيڪڏهن موڪلن جو جائزو وٺون ته اسڪولن کي وئڪيشن (گرمين جون ٻڌيون موڪلون) 60 ڏينهن، جشن آزادي(14 آگسٽ) جي هڪ موڪل، سال ۾ 52 آچر جون موڪلون، 6 سيپٽمبر يوم دفاع، 9 نومبر يوم اقبال، 25 ڊسمبر قائداعظم جو ڏينهن، سياري جون موڪلون 10 ڏينهن، عيدالفطر 3 ڏينهن، عيد ميلادالنبي هڪ ڏينهن، عيد برات هڪ ڏينهن، شب قدر هڪ ڏينهن۔ عيدالاضحيٰ 3 ڏينهن۔ شهادت امام علي عه هڪ ڏينهن، عاشور جون موڪلون 2 ڏينهن، قلندرلال شھباز جو عرس مبارڪ هڪ ڏينهن۔ شاه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ هڪ ڏينهن۔ سچل سرمست رح جو عرس مبارڪ هڪ ڏينهن۔ يوم ڪشمير هڪ ڏينهن۔ يوم قرارداد پاڪستان هڪ ڏينهن۔ مزدورن جو عالمي ڏينهن هڪ ڏينهن۔ يوم تڪبير هڪ ڏينهن۔ شهادت بينظير ڀٽو هڪ ڏينهن۔ استاد جون ريزڪي موڪلون سال ۾ 24 ڏينهن۔ برسات جون موڪلون(جيستائين ختم ٿئي) سخت سردي ۽ سخت گرميء جون اضافي موڪلون(جيستائين ختم ٿين) امن و امان جي بگڙندڙ صورتحال (جيستائين امن ٿئي) ڪا وائرل بيماري اچي ته اسڪول بند وغيره۔

موجوده ٻارڻ  ۽ پيٽرول جي بحران سبب شهرن ۾ آمدرفت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري شاگردن، استادن ۽ اسڪول عملي کي روزاني اچ وڃ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۔ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن خاندانن تي مالي بار وڌايو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه ڏينهن جي موڪل ۽ سفر جا خرچ گهٽائڻ لاءِ سرڪار اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اسڪولن کي امتحاني انتظامن کي بهتر نموني ترتيب ڏيڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي۔ انهيءَ لحاظ کان ڪجهه ذريعا هن موڪل کي رڳو آرام نه پر هڪ انتظامي ضرورت پڻ سمجهي رهيا آهن۔ جيڪڏهن ٿورو سنجيدگي سان جائزو وٺجي ته صوبي جي 80 سيڪڙو آبادي ٻهراڙي تي مشتمل آهي جتي استاد ۽ شاگردن جا اچ وڃ جو ڪوبه خرچ ناهي ان جي باوجود شهر توڙي ٻهراڙيء کي هڪ نگاهه سان ڏسي پاليسي ٺاهڻ انتهائي احمقاڻو فيصلو آهي افسوس ڪجهه تعليمي ماهر هن وقفي کي بهار جي موڪلن طور به ڏسن ٿا۔ مارچ جو مهينو موسم جي تبديلي جو وقت هوندو آهي، ۽ ساليانه امتحانن جي ذهني دٻاءَ کان پوءِ شاگردن لاءِ ٿورو آرام ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون وڃن ٿيون۔ جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين لاءِ ڪنهن به موڪل جي ضرورت نه هوندي آهي ۽ نه ئي موڪل ڪرڻ سان شاگردن کي ذهني سڪون ملندو آهي، نه سندن ڌيان بهتر ٿيندو آهي ۽ نه اهي موڪلون ايندڙ ڪلاس يا امتحانن لاءِ تياري ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن بلڪه موڪلون ڪرڻ سان تعليم جي تباهي جا خدشا پيدا ٿيندا آهن۔ خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ موڪلون تعليم لاءِ نقصانڪار ٿين ٿيون۔ شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي ۾ شجيڪڏهندن وٽ نه ڪوچنگ سينٽر هوندا آهن، نه آن لائين سکيا جون سهولتون هونديون آهن۔ اسڪول ئي تعليم، نظم و ضبط ۽ روزاني پڙهائي جو مرڪز هوندا آهن۔ جڏهن ته موڪلن سبب شجيڪڏهندن جي پڙهائي جي عادت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ اسڪول ڇڏڻ جو خطرو به وڌي وڃي ٿو، خاص ڪري غريب خاندانن جي ٻارن ۾ گسائڻ سبب جهالت پکڙجي ٿي۔ سڌريل ملڪن ۾ جيڪڏهن ٻار ٻه ڏينهن لڳاتار اسڪول نه ويندو آهي ته والدين جي پيشي ڪرائي انهن کي سزا ڏيندي ويندي آهي۔

اجايون موڪلون ڪرڻ وارا ٿورو غور ڪري ڏسن ته، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيٽرول تي انحصار شهرن جيترو ناهي هوندو، ڇو ته ڪيترائي شجيڪڏهند پنڌ يا مقامي ذريعن سان اسڪول وڃن ٿا۔ تنهنڪري رڳو پيٽرول بحران جي بنياد تي ڊگهي موڪل ڏيڻ هر علائقي لاءِ برابر فائديمند نه ٿيندي۔ ان سان شهري ۽ ٻهراڙي جي تعليم وچ ۾ فرق وڌيڪ وڌي سگهي ٿو۔ تنهنڪري تعليمي اختيارين کي متوازن پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي۔ اجايون موڪلون عارضي مسئلن جو مناسب حل ناهي، پر ان کي محدود ۽ منظم رکڻ ضروري آهي۔ واضح تعليمي شيڊول، وقت سر امتحاني تياري ۽ شاگردن سان مسلسل رابطو تعليمي تسلسل برقرار رکڻ لاءِ اهم آهن۔ نتيجي طور، موجوده اجاين موڪلن وارين حالتن کي نظر ۾ رکندي نه رڳو مناسب قدم کنيا وڃن، پر انهن کي غيرضروري طور ڊگهو ڪرڻ سنڌ جي تعليمي نظام لاءِ، خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ، خطري کان خالي نه هوندو۔ پاليسي ٺاهيندڙن کي گهرجي ته عارضي بحرانن کي تعليم سان نه ڳنڍين بلڪه تعليم جي استحڪام کي اوليت ڏيئي شاگردن جي سکيا ۽ مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.