ميهڙ سانحي جو فيصلو 30 مارچ تي اچڻو آهي ان کان اڳ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اڻ وڻندڙ واقعو پيدا ٿيڻ ڪري معزز جج صاحب ليٽر لکي وڏي پيماني تي دادو ضلعي پوليس طلب ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي۔ ڏٺو وڃي ته ڄاڻايل ڪيس پنهنجي نوعيت جو اهم ڪيس آهي جنهن ۾ ڀوتار جوابدار طور گذريل ڪافي سالن کان ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، هن ڪيس جي فريادڻ ام رباب چانڊيو آهي جيڪا ڏاڍي جرئت سان هن سڄي مامري تي نه فقط ثابت قدمي سان بيٺي رهي آهي پر هن ڪيس جي مڪمل پيروري پڻ ڪندي اچي ٿي۔ ۔
سچ پچ ته ام رباب سان وڏو ويل وهايل آهي سندس ڏاڏو، والد ۽ چاچو بنا ڪنهن ڏوهه جي اجل جو شڪار بنايا ويا، اهڙي خون ناحق پويان فرسوده ۽ ڌپ ڪري ويل طبقاتي نظام شامل هو، سرداري نظام اهو رهزن نظام آهي جنهن سنڌ اندر هزارين امڙين جون جهوليون خالي ڪيون آهن، اهڙي قاتل ۽ ظالم نظام تي جيتري ڦٽ لعنت ڪجي اها گهٽ آهي۔ ميهڙ واقعو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جون سموريون سياسي سماجي تنظيمون، سول سوسائٽي، سنڌ جا لکيا پڙهيا ماڻهو ۽ ڌريون مقتولن جي وارثن سان يڪجهتي طور بيٺا رهيا اهڙي طور ذڪر ڪيل ڪيس هاءِ پروفائيل بنجي ويو، نتيجي طور طاقتور سردار مٿان خون ناحق جا ڪيس درج ڪيا ويا، اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي جو تمام طاقتور سردار قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي بيٺا۔ ڏٺو وڃي ته چانڊڪا جاگير جي ڪرتا ڌرتا بنيل نوابن مٿان ماضي ۾ ڪوئي ڪيس درج نه ٿيو هو، ڀلي هو علائقي جي ماڻهن جون ابتيون کلون لاهي انهن کي موت جي وادي ۾ موڪلي ڇڏين، يا ڪنهن غريبن مسڪينن جي بنا ڪنهن سبب بيواجبيون ۽ بيعزتون ڪن چوڻ جو مطلب ته انهن کي هر واردات ڦٻي ويندي هئي مجال آهي جو ڪو چانڊڪا جاگير جي ڀوتارن خلاف ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي يا زبان مان ڪي لفظ اچاري سڄي علائقي ۾ ڪنهن کي به اهڙي همت يا جرئت نه هوندي هئي جيڪو سندس خلاف ٿي بيهي۔ پر ميهڙ سانحي ڀوتارن جون اصل متيون ئي منجهائي ڇڏيون آهن.
اها ڪيڏي ته تعجب خيز ڳالهه آهي جو علائقي جا بااثر ڀوتار ڪنهن ڪرمنل جيان ڪورٽ جي بيئچن تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ حاضر ٿيڻ جو انتظار ڪندا هجن۔ ۔ حقيقت ۾ ڀوتارڪو نظام عوام دشمن ۽ قوم دشمن رهيو آهي، سنڌ جا سردار هجن، ڀوتار هجن، رئيس هجن، نواب هجن يا خان وڏيرا هجن اهي عوام جا ويري رهيا آهن، انهن جا ڪرتوت ڀلا ڪنهن کان ڳجها آهن، سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن جا موجود اهي ئي ساڳيا ڀوتار آهن جن جي چرچ، بڇ يا هشي تي ويڙهن جا ويڙها ويران ٿيندا رهن ٿا۔ ۔ هن سڄي مامري ۾ اسين سنڌ جي جرئت مند ڌيءُ ام رباب کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن وڏي دليري سان هن ڪيس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ان سڄي عرصي دوران هن کي ڀوتارن طرفان مارڻ جون ڌمڪيون ملنديون رهيون پر هوءَ بنا ڪنهن فرق جي ڪيس جي پيروري ڪندي رهي، ڪافي ڀيرا هن واقعي کي جڳاڙي جرڳائي سسٽم وسيلي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، لڪ ڇپ ۾ ميڙون منٿون ۽ ايلاز پڻ ڪيا ويا پر ام رباب رڪ جي ديوار بنجي ڀوتارڪي بتن کي للڪاريندي رهي، هڪ عورت جو بهادري سان بيهڻ ڀلي وڏي ڳالهه نه به هجي پر سنڌ جهڙي سماج ۾ اهڙو ڪم ڪنهن انقلاب کان گهٽ ڪونهي۔ ۔
ميهڙ سانحي جو فيصلو ڪهڙو به اچي پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته ڀوتارڪي هٺ کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي، اهي سردار جيڪي پاڻ کي هن جڳ جهان جو والي وارٽ سمجهي ڪنهن ڇيڪ ڍور وانگي ماڻهن کي لتاڙيندا هيا ان کي رسو پئجي چڪو آهي، سندن ڪنڌ ۾ لڳل هٺ ۽ انا واري ڪلي ڀلي گهڻو نه پر ٿوري ڍري ٿي آهي، جيڪي خود کي آقا سمجهي جاگير، جبل ۽ ڪاڇي جي مسڪين ماڻهن سان طرح طرح جون تعديون ۽ عقوبتون ڪندا هيا، جيڪي جبل جي ماروئڙن جي زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪندا رهيا، جيڪي هزارين ماڻهن جي روزگار جو واحد وسيلو بڻيل حمل ڍنڍ کي پنهنجي انڌي طاقت جي زور تي سڪائي ۽ سسائي ماڻهن جو معاشي قتلام ڪندا هيا، جيڪي ماڻهن جو رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال محض ان ڪري هڻندا هيا ته هي اسانجي ابن ڏاڏن جي جاگير آهي ان ۾ جيڪو به رهندو اهو اهڙي قسم جو ڏن پيو ڀريندو! ۔ اهڙن ڀوتارن کي ميهڙ سانحو ڳچي ۾ پئجي چڪو آهي، هو وري اهڙي ڪا غلطي نه ڪندا ۽ ڪنهن به چرچ ۽ بڇ کان اول سوين هزارين بار سوچيندا۔ ۔ اصل ۾ سنڌ ۾ قانون جي رٽ بحال نه هئڻ ڪري اهڙي قسم جا اڻ وڻندڙ سانحا يا واقعا روز جو معمول بنيل آهن.
هتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پ پ پ جي بي وڙي حڪومت قائم آهي جنهن سنڌ جي هر ڀوتار، نواب ۽ وڏيري کي هر علائقو ڄڻ ته انعام طور ڏئي ڇڏيو آهي، نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهي بي ڊولا بت بڻيل ڀوتار سنڌ جي هر هڪ علائقو کي پنهنجي پاران فتح ڪيل رياست سمجهي پنهنجا هٿ ٺوڪيا ڪارا قانون رائج ڪري مسڪين ماڻهن جو رت ست پيئڻ ۾ ڪائي ويرم يا ھٻڪ محسوس ناهن ڪندا، اهي زمين جا خدا بنجي عوام الناس تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندا رهن ٿا… هاڻي ڏسجي ته ميهڙ سانحي جو فيصلو ڪهڙو ٿو اچي سڀني ماڻهن جون نظرون هن فيصلي ۾ کتل آهن، پر هتان جون ڪورٽون به روايتي انداز جهڙيون آهن جيڪي ڏاڍي کي گابو سمجهي ظلم برپا ڪندڙ قوتن ۽ فردن کي قانون طور سزا ڏئڻ کان گھڻي قدر قاصر آهن، ڇو ته قانون جو هر فقرو ۽ شق فقط ئي فقط غريبن ۽ مسڪينن تي لاڳو ٿيندي آهي پر طاقتور ۽ ڏاڍو انهن فقرن کان آجو ۽ آزاد آهي۔
ميهڙ واقعي کي انڪري به ايڏي وڏي پزيرائي ملي آهي جو هن اهم ڪيس جي پيروري هڪ عورت ڪئي آهي اها عورت جنهن جو ڏاڏو، پيءُ ۽ چاچو رات جي رهزن هٿان ماريو ويو، اهڙي قيامت برپا ٿيڻ کانپوءِ ام رباب قانون جو رستو اختيار ڪري ڀوتارن کي ڪورٽن جي اندر اڀ پيرو بيهاري اهو ثابت ڪيو ته جيڪڏهن ماڻهن ۾ همت ۽ جرئت آهي ته کيس ڪوئي به ڏاڍ ۽ جبر جهڪائي نٿو سگهي، ڪائي به طاقت کيس پوئتي هٽڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي۔ هن ڪيس ۾ جتي قانوني راه اختيار ڪئي وئي ته اتي عوامي احتجاجن وسيلي به عوام اڳيان حقيقتون پيش ڪيون۔ مظلوم نياڻي ام رباب ڪڏهن اگهاڙي پيرن سان احتجاج ڪري عدالتب کان انصاف جي طلب ڪئي ته ڪڏهن آءِنو کڻي هن قاتل نظام جو اصل چهرو عيان ڪيو، ڪڏهن روڊن ۽ رستن تي اچي داد رسي لاءِ ٻاڪاريو ۽ پڪاريو، چوڻ جو مقصد ته ان ظلم جي خلاف هوءَ ورچي نه ويٺي هيئنر جڏهن هن ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي ته ام رباب سميت انهن سڀني ماڻهن کي انصاف جي اميد آهي جيڪي رهزن سردارن جي ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا آهن۔ …