ممبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي سطح تي آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جتي سنجيدا خبرن جو مرڪز بڻيل آهي، اتي بالي ووڊ اداڪار بومن ايراني ان صورتحال تي تبصرو ڪري سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 66 ورهين جي اداڪار جي هڪ مختصر وڊيو اڄڪلهه انٽرنيٽ تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن سفارتي معاملن کي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
وڊيو ۾ هن مذاق ڪندي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان امن ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ ” مون کي، سمرتي ايراني ۽ ارونا ايراني کي به شامل ڪيو پيو وڃي.“
هن کلندي چيو ته هو امن لاءِ هر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر شرط اِهو آهي ته هو واشنگٽن نه ويندو، بهتر اهو هوندو ته ٽرمپ ۽ سندس وفد ممبئي جي دادَر پارسي ڪالوني ۾ اچي، جتي کين روايتي طعام پيش ڪيا ويندا.
پنهنجي ڳالهه کي وڌيڪ دلچسپ بڻائيندي بومن ايراني چيو ته جيڪڏهن مهمان هڪ وڏو گئس سلنڊر به گڏ کڻي اچن ته سڀني لاءِ معاملا وڌيڪ آسان ٿي ويندا.
هن وڊيو تي شوبز شخصيتن به ردعمل ڏنو آهي، جتي سميـرا ريڊي ان کي ”شاندار“ قرار ڏنو، جڏهن ته فرحان اختر ۽ رِڪي ڪيـج به کلڻ وارن ايموجي ذريعي پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪيو.
” صدر صاحب! رڳي گئس سلنڊر کڻي اچو، معاملا حل ٿي ويندا“ بومن ايراني ٽرمپ کي ٽرول ڪري ڇڏيو
You might also like