ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار، پريش راول ۽ سنيل شيٽي جي ايندڙ ڪاميڊي فلم ”هيرا ڦيري 3“ قانوني تڪرار جو شڪار ٿي وئي.
فلم هدايتڪار پريادرشن ڀارتي ميڊيا کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ تصديق ڪئي آهي ته حل طلب قانوني مسئلن سبب هي منصوبو في الحال رڪيل آهي، جيتوڻيڪ ان کي اڳتي وڌائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
صورتحال بابت ڳالهائيندي پريادرشن چيو ته فلم في الحال ڪجهه قانوني مسئلن جو شڪار آهي، جنهن کي اسان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جيئن ئي اهي حل ٿيندا ته اسين فلم تي ڪم شروع ڪنداسين.
سال 2000 ۾ اصل فلم جي هدايتڪاري ڪرڻ کانپوءِ پريادرشن جي واپسي کي هن فرنچائز جي روح کي ٻيهر زندا ڪرڻ ڏانهن هڪ وک طور ڏٺو پيو وڃي.
فلم بابت ڳالهائيندي هن چيوته ڏسون ٿا، توهان به دعا ڪريو ته مون وٽ ان کي ڪرڻ جي صلاحيت موجود هجي.
واضح رهي ته مشهور ڪاميڊي فرنچائز جي ٽئين فلم تي ڪيئي ئي سالن کان ڪم جاري آهي، پر مختلف ڪارڻن سبب فلم جي شوٽنگ بار بار روڪڻي پئي آهي.
فرنچائز جي پهرين فلم ”هيرا ڦيري“ ۽ ان جو ٻيو حصو ”ڦر هيرا ڦيري“ اڪشي ڪمار، سنيل شيٽي ۽ پريش راول جي شاندار اداڪاري سبب تمام گهڻي مقبول ٿيون هيون.
ٽنهي جا ڪردار ترتيبوار راجو، شيام ۽ بابو رائو اڄ به مشهور آهن، ۽ سندن ڊائيلاگ ۽ ميمز سوشل ميڊيا تي گردش ڪندا رهن ٿا.