وڏو هجو يا ننڍو هر ڪو رومانس ڪرڻ چاهي ٿو: شان شاهد

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار شان شاهد چيو آهي ته پنجابي فلم ڪرڻ هن لاءِ وڏو چئلينج هو.
شان شاهد اڄڪلهه پنهنجي ٽيم سان گڏ نئين فلم ”بلها“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي، جنهن لاءِ هو مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.
ويجهڙ اداڪار هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي فلم سميت انڊسٽري بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
شان شاهد چيو ته ساڳئي قسم جون فلمون نه هئڻ گهرجن، پر بدقسمتي سان وڏو هجي يا ننڍو اداڪار، هر ڪو رومانوي هيرو بڻجڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته ماڻهو ايڪشن ان ڪري نٿا ڪن ڇاڪاڻ⁠ ته ان جي پروڊڪشن مهانگي آهي ۽ ايڪشن به ڪرڻو پوندو آهي، جيستائين اداڪار پاڻ کي ورسٽائل نٿو بڻائي، تيستائين هن لاءِ اسڪرپٽ به محدود رهندو آهي.
هن چيو ته جڏهن هو آمريڪا کان پاڪستان آيو ته هن لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو هو ته پنجابي فلم ڪيئن ڪرڻي آهي.
هن چيو ته مون کي لڳو ته منهنجي اندر اها کوٽ آهي، مون کي اهو ڪرڻو آهي، مون کي پنجابي سکڻي آهي.
هن چيوته جڏهن هو پنجابي ماڻهن سان رهيو ته کيس خبر پئي ته پنجاب ڇا آهي، سندن رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻ ويهڻ ڪيئن هوندو آهي.
اداڪار موجب، پنجابي ٻولي لفظي طور ڳالهائڻ ته سولي آهي، پر جسماني طور ان کي ڪيئن اظهارجي ، اهو سڀ هن سکيو.
ياد رهي ته ليجنڊ اداڪار شان شاهد جي فلم بلها عيد جي ڏينهن رليز ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.