اسلام آباد(بيورو) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري بيان ڏيندي چيو آهي ته زلفي بخاري ۽ عمران خان جي پٽن جون تازيون سرگرميون هڪ واضح سياسي ايجنڊا ظاهر ڪن ٿيون۔هن چيو ته سياسي مقصدن لاءِ پاڪستان جي قومي مفادن کي نظرانداز ڪري ذاتي بيانيي کي اڳتي وڌايو پيو وڃي۔طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته عارف آجاڪيا جهڙن تڪراري ۽ پاڪستان مخالف بيانيي رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪو عام سياسي عمل ناهن، پر هڪ سوچيل سمجهيل بيانيي جو تسلسل لڳن ٿيون۔ سندس چوڻ مطابق ڪجهه عنصر عالمي سطح تي پاڪستان خلاف ماحول ٺاهڻ ۾ مصروف آهن ۽ اهڙين سرگرمين ذريعي هو رڳو پنهنجي سياست کي زنده رکڻ چاهين ٿا۔هن زور ڀريو ته هن وقت ملڪ کي اتحاد، استحڪام ۽ ذميوار قيادت جي سخت ضرورت آهي ، ۽ اهڙا قدم قومي بيانيي کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهن۔طارق فضل چوڌري سوال اٿاريو ته ڇا اها ئي سياست آهي جنهن جو دعويٰ “تبديلي” جي نالي تي ڪيو ويو هو، يا اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ قومي وقار کي نقصان پهچائڻ به قبول ڪيو پيو وڃي؟ سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا عوام چڱي طرح سمجهن ٿا ته ڪير ملڪ سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪير صرف پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪري رهيو آهي۔
عمران خان جي پٽ انساني حقن جو معاملو اٿاري ڇڏيو
جنيوا(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ قاسم خان جنيوا ۾ ٿيل هڪ \پروگرام ۾ پاڪستان مخالف بلوچ نيشنل موومينٽ جي تڪراري اڳواڻ سان گڏ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، جنهن کانپوءِ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ۽ سندس سرگرمين ۽ لاڳاپن بابت بحث شروع ٿي ويو آهي،قاسم خان يونائيٽڊ نيشنز هيومن رائٽس ڪائونسل جي سائيڊ ايونٽ ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ جي اڳواڻ نسيم بلوچ سان گڏ خطاب ڪيو، جتي هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳالهايو ۽ پنهنجي والد عمران خان جي قيد جو معاملو پڻ اٿاريو۔سوشل ميڊيا تي سامهون آيل وڊيوز ۽ رپورٽن موجب ٻنهي شخصيتن جي گڏيل شرڪت تي مختلف حلقن پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي۔ناقدن جو چوڻ آهي ته هڪ اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ طرفان عالمي فورمز تي اهڙن عنصرن سان گڏ ويهڻ حساس معاملو بڻجي سگهي ٿو۔ هي پيش رفت اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ان کان اڳ به قاسم خان جي ڪجهه تڪراري شخصيتن سان ملاقاتن جون خبرون اچي چڪيون آهن، جن ۾ عارف آجاڪيا سان ملاقات به شامل آهي، جنهن تي به سخت تنقيد ٿي هئي۔ٻئي طرف ڊاڪٽر نسيم بلوچ پنهنجي خطاب ۾ بلوچستان بابت پنهنجو موقف ورجايو ۽ انساني حقن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو، جنهن کي سوشل ميڊيا جي وڏي انگ هن گڏيل موجودگي کي پاڪستان مخالف لابنگ قرار ڏنو آهي۔سياسي ۽ تجزياتي حلقن موجب اهڙي قسم جون سرگرميون نه رڳو ملڪ جي اندروني سياسي بيانيي کي متاثر ڪري سگهن ٿيون، پر عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۽ سفارتي مفادن تي به اثر وجهي سگهن ٿيون، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ اڳ ئي مختلف سفارتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔