ڪراچي (رپورٽر ) جيئي سنڌ محاذ ڪراچي طرفان 1940 جي ” لاهور قرارداد، حقيقتون،اڳتي قدم” جي موضوع تي پينوراما سينٽر ۾ ڪالهه هڪ سيمينار ٿي گذريو، جنهن جي صدارت ڪندي محاذ جي چيئرمين وڪيل عبدالخالق جوڻيجو تقرير ڪندي چيو ته ملڪ کي 1940 جي قرارداد مطابق هلائي ملڪ ۾ شامل تاريخي قومن ۽ رياستن کي تسليم ڪري کين برابري جي بنياد تي حق حاڪميت ڏني وڃي ۽ سنڌ مٿان هڪ صوبي جي حاڪميت ختم ڪئي وڃي، هن چيو ته سنڌ مٿان 1992جو پاڻي معاهدو زبردستي سان ٿاڦيو ويو آهي ۽ ان ۾ مليل ٿوري رعائت به سنڌ کي نه ٿي ڏني وڃي ، سنڌ جي زمينن ۽ معدنيات مٿان وفاقي ادارن قبضو ڪري سنڌ جا وسيلا ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪيا پيا وڃن،هن وڌيڪ چيو ته 1973جي آئين ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، کين سنڌ اندر ملڪيتون خريد ڪرڻ ۽ ووٽ جو حق ڏئي سنڌي قوم جي وجود کي خطري ۾ وڌو ويو آهي، خالق جوڻيجو چيو ته 1940 جي قرارداد ۾ به دهلي مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ ترميمون ڪيون ويون ۽ 1940 جي قرارداد ۾ ٽائيپ رائٽر جي غلطين جي ڳالهه ڦهلائي وئي ۽ 40 جي قرارداد گڏيل هندستان لاءِ هئي، جنهن ۾ موجود رياستن کي آزاد ۽ فيڊريشن کان الڳ ٿيڻ جو حق ڏنو ويو هو، دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته هن ملڪ جا سياستدان آصف علي زرداري ، نواز شريف ۽ عمران خان ۽ ٻيا ڪتاب نه پڙهندا آهن، ان ڪري کين ملڪ جي بنياد جي پسمنظر جي تاريخي حقيقتن جي خبر نه آهي، هنن پنهنجي گفتگو ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڪتاب ۽ تاريخي دستاويز جو مثال پيش نه ڪيو آهي، هن چيو ته 40 جي قرارداد ۾ پاڪستان ٺهڻ جو ذڪر شامل نه هو، اها هڪ متحده هندوستان جي پس منظر ۾ پيش ڪئي وئي هئي ۽ هڪ متحده هندوستان جو آئين جڙي نه سگهيو ۽ پاڪستان ۾ 73 آئين جي بار بار بي حرمتي ٿيندي رهي ٿي، پروفيسر توصيف احمد چيو ته پهريان ڪانگريس صوبن جي خودمختياري کي تسليم نه ڪيو هو، جنهن ڪري 40 جي قرارداد پاس ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪنفيڊريشن جو تصور موجود آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي 18 ترميم جي خاتمي لاءِ آماده ٿي سگهي ٿي ۽ ملڪ تي اسٽيبلشمينٽ جو قبضو آهي، ليکڪ پروفيسر رياض شيخ چيو ته مسلم ليگ دوکي جي سياست ڪندي رهي آهي، پاڪستان جو ٺهڻ هڪ غلطي هئي، ان دور ۾ اسرائيل جو به وجود پيو هو، هن چيو ته سڄي خطي ۾ تباهي پاڪستان ڪري ٿي آهي، ملڪ جو بنياد تشدد ڪري وجود ۾ نه پر اسڪندر مرزا ۽ چرچل جي هڪ گڏجاڻي جو نتيجو آهي، ملڪ ٺهڻ کان سال اڳ پنڊي ۾ فساد ڪيا ويا، ليکڪ ناصر محمود چيو ته مسلم ليگ جي منشور ۾ انگريزن سان وفاداري لازم هئي، گڏيل بنگال کي ورهائڻ لاءِ مسلم ليگ کي استعمال ڪيو ويو، ڀارت کي ورهائڻ لاءِ ٻي عالمي جنگ ۾ وفاداري ڪندڙ کي انعام طور پاڪستان ڏنو ويو، هن چيو ته ڪانگريس زرعي سڌارن جي حامي هئي ۽ مسلم ليگ نوابن ،خانن ۽ جاگيردارن جي سياسي پارٽي هئي، آن ڪري گڏيل هندستان جي ورهاست انهن لاءِ لازمي هئي ، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته 40 جي قرارداد جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه ڀارت کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ هو ۽ اڄ ملڪ ۾ ان بنياد تي سموريون نفرتون موجود آهن، هن چيو ته هندستان کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ جي گناھ ۾ جي ايم سيد، ڪميونسٽ پارٽي، مسلم ليگ، آر ايس ايس شامل هيون، اهي سڀ هن ڏوهه ۾ شامل آهن، هن چيو ته الله بخش سومرو کي ان ڏوهه خلاف ڳالهائڻ تي قتل ڪيو ويو، بعد ۾ هن جي قبر تي بيهي هن کان معافي ورتي وئي ۽ گانڌي به مذهب جي بنياد تي سياست ڪئي ۽ رام راڄ قائم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي، سياست مان مذهب کي آڻڻ جي جناح مخالفت ڪئي پر بعد ۾ هو به ان رستي تي هلي پيو، ان ڪري پاڪستان اهڙو ئي ٺهڻو هو، جيڪو موجود آهي