اسلام آباد(بيورو)اسحاق ڊار وچ اوڀر ٰ جي صورتحال بابت غير ضروري قياس آرائين جي ترديد ڪئي آهي۔سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر) تي جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ميڊيا ۾ هلندڙ ڳالهين جي ابتڙ، وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين بابت غير ضروري قياس آرائين ۾ ڪا صداقت ناهي، جڏهن ته هن تصديق ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڻسڌي ريت ڳالهيون جاري آهن۔هن چيو ته پاڪستان هن اهم عمل ۾ ٽياڪڙ و ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جتي ڌرين وچ ۾ پيغام پهچايا پيا وڃن، ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا 15 نڪتا پيش ڪيا آهن جن تي ايران غور ڪري رهيو آهي۔پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته هن امني عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ برادر اسلامي ملڪ ترڪي ۽ مصر سميت ٻيا ملڪ به ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن ته جيئن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جلد ختم ڪري سگهجي۔پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علائقي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان مقصد لاءِ هر ممڪن سفارتي ڪوششون جاري رکيون وينديون۔اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته موجوده پيچيده حالتن ۾ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي، جنهن ذريعي خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ۽ جاري تڪرارن جو حل ڳولي سگهجي ٿو۔