رمضان شريف ۾ ڇا ٿيو؟ رحيم يار خان ۾ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. زمين ڌڏي، جاءِ جي ڇت ڪري، آواز ٿيو، ڌوڙ اٿي، خلق ۾ رڙيون پئجي ويون. هر عورت ۽ ٻار توڙي مرد جي وات مان رڙيون، ڪوڪون ۽ هاءِ گهوڙا نڪرڻ شروع ٿي وئي. ڏهين محرم جيان ماتم برپا ٿي ويو. رانڀاٽ، ڪيهون پئجي ويون، صف ماتم ڇائنجي ويو. هر ماڻهو پنهنجن پنهنجن عورتن کي ڳولڻ ۾ لڳي ويو، رت جا ڌٻا ٿي ويا. ننڍڙي معصوم نينگري پنهنجي امڙ جي ڳولا ۾ روئيندي وائڙي ٿي ويئي. سوچي پئي ته امڙ اسان لاءِ گهر جو راشن وٺڻ ۽ اسان لاءِ نوان نوان عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيڻ وارو خواب اندر ۾ سانڍي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسه وٺڻ لاءِ اسان کي به ساڻ ڪري آئي. پر هي ڇا ٿي ويو! امڙ ڪيڏانهن گم ٿي ويئي؟ امڙ بلڊنگ جي هيٺيان دٻجي شهيد ٿي ويئي؟ هاءِ گهوڙا! اسان جا سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا؟
ضلعي رحيم يار خان جي ڳوٺ منٺار بنگلي جي چڪ نمبر 125 ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جيڪا رمضان شريف ۾ عيد لاءِ آيل هئي وٺڻ لاءِ غريب، لاچار، بيواهه عورتون جن جو تعداد 200 کان به وڌيڪ ٻڌايو ويو جيڪي بلڊنگ جي ڇت مٿان موجود هيون. ڇاڪاڻ ته بينظير انڪم سپورٽ جا پئسه بلڊنگ جي ڇت مٿان موجود ڪمرن ۾ هلايا پئي ويا اها ڇت 200 کان وڌيڪ عورتن جو بار برداشت ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪندي زمين بوس ٿي ويئي. جنهن ۾ 15 عورتون فوت ٿي ويون ۽ 80 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيون جن ۾ ڪافي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هيون. حادثي کان پوءِ قيامت برپا ٿي ويئي. هر طرف روڄ راڙو شروع ٿي ويو. افراتفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ وقتي طور اها جاءِ فلسطين بڻجي ويئي. اهي عورتون جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويون پنهنجي جسم ۽ روح جي رشتن کي قائم دائم رکڻ لاءِ ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ ايلاز منٿون ڪري رهيون هيون ته پنهنجي جان جي بازي به هارائي ويون ۽ سندن زندگي جون حسرتون، اميدون، ارمان ۽ خواب هميشه لاءِ اڌورا رهجي ويا. ۽ ظالم حڪمران ۽ سماج لاءِ انيڪ سوال به ڇڏي ويون.
سوال اهو به ڇڏي ويون ته آخرڪار اسان کي ٽڪر ڳڀي لاءِ اڄ جي هن جديد دور ۾ گهرن جي چوديواريءَ کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ جيئن هڪ سرڪاري ملازم کي بئنڪن وسيلي پگهار ملي ٿو ڇا ائين مستحق عورتن کي وظيفو نٿو ملي سگهي؟ بحرالحال رحيم يار خان پنجاب جو هڪ وڏو ضلعو آهي ۽ ان صوبي جي حڪمران به هڪ عورت وزيراعليٰ جي روپ ۾ آهي. وزيراعظم جو لاڳاپو به پنجاب سان آهي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڄڻ عورتون جيڪي متاثر ٿيون اهي ڄڻ ڪه سنڌ جون هيون جو هڪ لفظ نه افسوس جو ۽ نه وري شهيد ٿيل توڙي زخمي عورتن جي ڪا مالي مدد ڪئي ويئي؟ مالي مدد وري به صدر آصف علي زرداري صدارتي فنڊ مان ڪئي شهيد ٿيل عورتن لاءِ في عورت 10 – 10 لک روپيا ۽ زخمي عورت لاءِ في عورت 3 – 3 لک روپيا ۽ نه وزيراعليٰ مريم نواز جي مٿي تي ڪا جونءَ ئي چري نه وري وزيراعظم جي ٽڪڻ ۾ ڪا خارش پيدا ٿي. واهه ڙي حڪمران تنهنجا جاوا، هاڻي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ تڪڙا ۽ پائيدار قدم ڇو ڪونه ٿا کنيا وڃن؟
ملڪ ۾ غربت، افلاس ۽ مهانگائيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. غربت ۽ زندگي گذارڻ واري رستي ۾ وڏو فاصلو وڌي رهيو آهي. هٿ ٽنگڻ وارو ڀلي ڪيڏو به صحت مند ڇونه هجي پر وقتي طور لولو لنگڙو ۽ معذور بڻجي ويندو آهي. رحيم يار خان وارو واقعو به ساڳي ڳالهه جو هڪ تسلسل آهي. ۽ مجبور ۽ غربت ماريل عورتون ماريون ويون. هيءُ واقعو انهن تلخ حقيقتن کي وائکو ڪري ٿو جنهن غربت، بيروزگاري، مهانگائي، جهالت، تعليم جو فقدان، پسماندگي، احساس محرومي جا ماريل ماڻهو ڪيڏو نه مختلف مشڪلاتن جو شڪار آهن. رحيم يار خان وارو واقعو نظام جي خرابيءَ کي به ڇٽو ظاهر ڪري ٿو. سوال اهو ٿو ذهنن ۾ اڀري ته هيڏي وڏي حادثي کان پوءِ به ڇا حڪمران غريب مستحق عورتن جي مسئلن طرف توجه ڏيڻ فرمائيندا؟
رحيم يار خان جي واقعي هر ماڻهو توڙي حڪمرانن جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. خدارا هي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غريب ۽ مستحق عورتن لاءِ مالي مدد جو پروگرام آهي جيڪو بند ٿيڻ به نه گهرجي. ۽ ان پروگرام کي بئنڪن وسيلي رقم ۾ شامل ڪيو وڃي. رقم جي تقسيم ڪار جو طريقو بهتر هجڻ گهرجي. پروگرام ۾ کوڙ ساريون شڪايتون سامهون اينديون رهن ٿيون. شڪايتون اهي به سامهون آيون آهن ته هن پروگرام مان پئسي ڏوڪڙ وارا ماڻهو به فائدو حاصل ڪندا رهيا آهن. عورتون هميشه شڪايتون ڪنديون آيون آهن ته ايجنٽ هر عورت جي قسط مان 1500 روپيه ڪاٽي وڃن ٿا. انهن خلاف ڪوبه عملي قدم نه کيو ويو آهي. تعجب ڏيندڙ ڳالهه اهيا به آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽرن تي عمر رسيده يعني پوڙهين عورتن جي ويهڻ لاءِ ڪوبه جوڳو بندوبست ناهي. نه پيئڻ جي پاڻي جو انتظام آهي جنهن جي ڪري رش سبب ۽ پاڻي جو انتظام نه هجڻ سبب ڪيتريون عورتون بي حوش به ٿيندي ڏسون ٿا. حاملا عورتون ته سخت تڪليف ۾ هجن ٿيون. اهڙيون عورتون به سينٽرن تي وظيفن لاءِ اچن ٿيون جيڪي بيمار ۽ عليل هجن ٿيون. بينظير انڪم سپورٽ جي سينٽرن وارن کي ڪافي ڪمائي به ٿئي ٿي. عورتون شڪايت ڪن ٿيون ته پهريان اي ٽي ايم ڪارڊن وسيلي رقم حاصل ٿيندي هئي پر ان ۾ به رش سبب عورتن جو پاڻ ۾ جهيڙا ٿيندا هئا جنهن جي ڪري ان سهولت کي به بند ڪيو ويو آهي. گرميون اچي ويون آهن ان ۾ ڪمزور، حاملا ۽ بيمار توڙي پوڙهين عورتن کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.
رقم ۾ شفافيت به ٿيندي پ پ قيادت توڙي حڪومت سنڌ کي گهرجي ته هن اهم معاملي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. بئنڪن وسيلي عورتن کي رقم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ان سان عورتن جي عزت نفس به مجروح نه ٿيندو ۽ احترام ۽ عزت سان عورتن کي رقم ملي سگهندي. سفيد پوش گهراڻن جي عورتن کي سينٽرن تي اچڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. اميد آهي ته سنڌ حڪومت توڙي پي پي قيادت ضرور سنجيدگي سان غور ويچار ڪري عورتن کي بئنڪن وسيلي رقم ڏيارڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪيو ويندو. هن ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي کي ملندڙ ووٽ جو گهڻي ۾ گهڻو ريشو عورتن جو هجي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن کي سنڌ بئنڪ وسيلي رقم جي منتقلي کي يقيني بڻائي جنهن سان پيپلز پارٽي جي ووٽ بئنڪ ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿي سگهندو.