اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ جي 17 مارچ تي ڪيل پريس ڪانفرنس جي حوالي سان هڪ نئين پارٽي جوڙڻ جي تناظر ۾ سوشل ميڊيا تي جيڪا ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي ان تي نه صرف سنڌ پرست ماڻهو حيران ٿي رهيا آهن پر انهن جو ڌيان سنڌ جي انهن باشعور شخصيتن ڏانهن پڻ وڃي رهيو آهي جيڪي ان پريس ڪانفرنس ۾ ساڄي کاٻي هن سان گڏ ويٺل هيا۔ اصل ۾ ڳالھه اها ناهي ته ڪو نئون فورم يا ڪا نئين سياسي پارٽي نه جوڙڻ گهرجي، پر ان فورم ٺهڻ جو سڀ کان پهريان حقيقي منشور معلوم هئڻ نهايت ضروري آهي۔ سو حيرت ان ڳالهھ تي ٿي رهي آهي ته اسان جا باشعور ليکڪ ۽ صحافي بنا ڪنهن سنجيده سوچ ويچار جي هن نئين جوڙيل فورم جي حمايت ۾ جلدباز ڇو ٿي پيا هيا ۽ بغير ڪنهن واضح ۽ چٽي پاليسيءَ جي هن اديءَ جو ساٿ ڏيڻ جي جلديءَ ۾ حامي ڇو ڀريائون۔ ۔
ٻئي پاسي حقيقت اها آهي ته پ پ گورنمينٽ جهڙي نموني سان سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان حڪومت ڪندي پنهنجي سياسي پوزيشن کي مضبوط ڪيو آهي سا ڪنهن کان ڳجھي ناهي، هن سياسي پارٽيءَ ادارن جي ڀلي ڀينگ ڪئي هجي پر پوءِ به هن پارٽيءَ جي مدمقابل ڪا اهڙي ٻي مضبوط ۽ طاقت ور پارٽي سامهون اچي ڪونه سگهي آهي جنهن ۾ سياسي، سماجي نفسياتي ۽ معاشي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جهڙو دم خم ۽ سياسي ويزن هجي۔ ڄانايل پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ يا همنوا ماڻهو هاڻي هڪ هڪ ڪري ماروي ميمڻ ۽ هُن جي ڪيل پريس ڪانفرنس کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن۔ جنهن ۾ سنڌ جا ڄاتل سڃاتل صحافي، ليکڪ ۽ ايڪٽيوسٽ شامل آهن، هن تنقيد جي بنيادي وجه اها ٿي ٻڌائي وڃي ته ماروي ميمڻ پنهنجي ڏنل هڪ تازي انٽرويو ۾ ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي تعريف ڪرڻ سان گڏوگڏ اڪبر بگٽي جي قتل سميت هُن جي ڪيل سڀني فيصلن کي درست قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن کي به فوج جي خلاف نه وڃڻ گهرجي ڇو ته رياستي ادارن سان وڙهڻ سٺي ڳالهھ ڪونهي، ان سان ملڪي مفادن کي نقصان پهچي ٿو.
ان حوالي سان ڀيڻ مارويءَ کان هڪ ننڍڙو سوال پڇڻ جي جسارت ڪيان ٿي ته هوءَ ملڪي مفادن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪهڙي نئي ۽ انوکي ايجنڊا تحت سنڌ جي مفادن جي هٿي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي۔ جڏهن ته ان کان اڳ نواز ليگ جي پارٽيءَ ۾ وزير هئڻ جي باوجود هن جي ڪريڊٽ تي ڪڏهن به ڪو اهڙو ڪم ڪو نه ڏٺو ويو آهي جنهن کي بنياد بڻائي اهو چئي سگهجي ته هن کي سنڌ جي سلامتي ۽ ترقئ جو گهڻو اونورهي ٿو۔ هن ڪڏهن به سنڌ جي مفاد ۽ حقن لاءِ ڪو قابل ذڪر آواز ڪونه اٿاريو آهي بلڪه مون کي ته هن جي اهڙي ڪا حمايت به ياد نه ٿي اچي جيڪا سنڌي ماڻهن جي حقن جي حوالي سان گڏيل ڪنهن آواز جي صورت ۾ ڪنهن به فورم تان اٿاري ويئي هجي۔ يا جنهن ۾ سنڌ جي حقن جي ترجماني ظاهر ٿيندي هجي۔ ڏهه ٻارنهن سال ٻاهر رهڻ کانپوءِ اوچتو سنڌ جو سور اندر ۾ محسوس ڪندي بغير ڪنهن مضبوط ايجنڊا يا منشور تحت هڪ نئون سياسي الائونس يا فورم جوڙڻ نه صرف حيرت جوڳو عمل آهي بلڪه اهو امر پڻ عجيب ۽ مضحڪه خيز آهي ته سنڌ جي نالي وارن شخصيتن ان فورم جي حمايت ڪرڻ کان پوءِ هڪ هڪ ٿي ڌار ٿيڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي۔ منهنجي محدود سمجهھ مطابق سڀ کان پهريان ته هر باشعور انسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته جنهن الائونس يا فورم تحت انهن جي حمايت جو مطالبو ٿي رهيو آهي۔ ان جي سنڌ جي مفادن جي تناظر ۾ ماضيءَ ۾ ڪريٽبلٽي ڇا رهي آهي۔ تنهن کان سواءِ اهو سمجههڻ جي به ضرورت آهي ته جيڪو ماڻهو فورم يا پارٽي جوڙڻ کان اڳ ۾ ئي فوج جي حمايت جو اعلان ڪندي انهن جي ماضيءَ ۾ ڪيل هر جائز ناجائز ڪم کي درست قرار ڏيئي رهيو آهي ته پوءِ اهڙو ماڻهو سنڌ جي حقن لاءِ ڪهڙو سگهارو آواز اٿاري سگهندو۔ اهڙي جرئت وڏي بهادريءَ ۽ بي باڪيءَ جي گهرجائو آهي۔
منهنجي خيال ۾ سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان ته شخصيت ۾ اهڙي اخلاقي جرئت ۽ اعتماد هئڻ ضروري آهي جنهن ۾ بي خوفي ۽ بهادري جو عنصر نمايان هجي۔ ان کان علاوه سنڌ پرستي جي حوالي سان اوهان جي شخصيت جي ڪريڊٽ تي ماضيءَ ۾ ڪي ٻه چار اهڙا ڪم به کاتي ۾ هئڻ ضروري آهن جن کي ڳڻائي اهو چئي سگهجي ته نئين جوڙيل هن فورم ۾ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي حقن جي حمايت ۽ مفاد لاءِ ڪا نئين حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي۔ ۔ ڳچ عرصو ملڪ کان ٻاهر رهندي سنڌ سان لا تعلقي وارو رويو رکڻ کان پوءِ موٽي اچي جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سنڌ پرستي جاڳي اٿي ٿي ته اهاپڻ سٺي ڳالهھ آهي پر ان جو مطلب اهو نه وٺڻ گهرجي ته اوهان ڪنهن ٻي قوت جي ايجنڊا تي هلي سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي پنهنجا ڪي طئي ٿيل مفاد حاصل ڪري سگهندا۔ اهڙي خيال کي دل مان ڪڍي سڀ کان پهريان ته توهان کي پنهنجي واضع ڪيل پاليسين کي سنڌ پرست هجڻ جي ثابتيءَ منجھان گذارڻو پوندو ان کان پوءِ توهان جي سنڌ جي حقن لاءِ جوڙيل هن فورم جي حمايت ڪري سگهجي ٿي۔ جنهن ۾ ارادي جي نيڪ نيتي شرط اول آهي ۔ ۔ ڇو ته هاڻي سنڌي ماڻهو باشعور ٿي چڪا آهن۔ ۔ هنن کي هاڻي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي وڌيڪ بي وقوف بڻائي نه ٿو سگهجي۔
سنڌ کي هاڻي حقيقي جدوجهد ڪندڙ سنڌ پرست اڳواڻن جي ضرورت آهي۔ ڪنهن ٽئين قوت جي ايجنڊا تحت ڪم ڪرڻ وارن محض زباني سنڌ پرستن اڳواڻن مان اڳ ۾ سنڌي ماڻهو عاجز آيل آهن ڇو ته سنڌ کي نالي جي مارئين نه پر تاريخي حوالي سان سچين مارئين جهڙي سوچ ۽ حوصلو رکندڙ سياسي شخصيتن جي ضرورت آهي۔