بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا ۾ فوجي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 66 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.
ڪولمبيا جي بچاءَ واري وزير موجب، ايئرفورس جو سي-130 جهاز ملڪ جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪِري تباهه ٿيو، جهاز پيرو جي سرحد ويجهو پورٽو ليگويزامو تان اڏام ڀري هئي.
فائر فائٽرز طرفان خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته جهاز اُڏام ڀرڻ وقت رن وي جي آخر ۾ ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ويو هو.
فائر فائٽرز موجب، جهاز جڏهن تيزيءَ سان هيٺ ڪِري رهيو هو ته ان جو هڪ پر وڻ سان به ٽڪرائجي ويو، ڪِرڻ کانپوءِ جهاز کي باهه وڪوڙي وئي ۽ ان ۾ موجود ڪنهن قسم جا ڌماڪيدار اوزار پڻ ڦٽي پيا.
ڪولمبين اختيارين موجب، جهاز ۾ 110 فوجين سميت 121 ڄڻا سوار هئا، ٻين جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته حادثي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ڪولمبيا جي صدر گسٽاوو پيٽرو جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملٽري فليٽ (فوجي ٻيڙي) کي جديد بڻائڻ واري منصوبي ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ نه ڏيندس.