توانائي بحران:اسڪول بند، ورڪ فرام هوم ۽ پيٽرول لاءِ ڪوپن سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز

لاهو(ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب ملڪ ۾ توانائي بحران واري معاملي تي پنجاب حڪومت صوبي ۾ اهم فيصلن جي تياري ڪري ورتي آهي.
ذريعن موجب، پنجاب جي توانائي کاتي صوبائي حڪومت کي نيون سفارشون موڪلي ڇڏيون آهن، جن ۾ وفاق جي طرز تي فيول راشننگ (تيل جي مقرر ورڇ) جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 اپريل تائين تعليمي ادارن ۾ موڪلن جي سفارش به ڪئي وئي آهي ۽ اسڪولن ۾ هائبرڊ تعليمي نظام تي غور ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.
ذريعن جو جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ڪوپن يا ڊجيٽل سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته مخصوص ڏينهن تي محدود گاڏين کي تيل فراهم ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، خانگي ادارن لاءِ ورڪ فرام هوم (گهران ڪم ڪرڻ) بابت سخت هدايتن جون سفارشون به تجويزن ۾ شامل آهن، جڏهن ته غير ضروري تقريبن تي مڪمل پابندي جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت کان ميٽرو ۽ بس سروس وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايل اي ڊي بل بورڊز ۽ آرائشي لائيٽون بند ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ رات 10هين وڳي کانپوءِ اسٽريٽ لائيٽس کي متبادل موڊ تي هلائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ مارڪيٽن جي وقت کي وڌيڪ محدود ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.