ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ”بلها“ ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا.
رپورٽ موجب ايڪشن، ٿرل ۽ ايڊوينچر سان ڀريل پاڪستاني فلم ”بلها“ ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ رپيا ڪمايا آهن.
پاڪستاني مشهور اداڪار شان شاهد جي فلم ”بلها“ ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڪروڙ 36 لک رپين جو بزنس ڪيو آهي، پهرين ڏينهن پنجويهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن فلم ڏٺي.
يو اي اي ۾ فلم پهرين ڏينهن هڪ لک 10 هزار درهم ۽ ٻئي ڏينهن هڪ لک 20 هزار درهم جو بزنس ڪيو.