پي ايس ايل 11 لاءِ ملڪي ۽ عالمي ستارن تي ٻڌل ڪامينٽري پئنل جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن لاءِ ڪمينٽري پئنل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پئنل ۾ وسيم اڪرم، رميز راجا، مائيڪ هيسمن، نڪ نائٽ ۽ جي پي ڊوميني شامل آهن.
ان کانسواءِ عروج ممتاز، بازيد خان، ڊومينڪ ڪارڪ، مارڪ بچر ۽ ڪارلوس بريٿويٽ به ڪامينٽري پئنل جو حصو آهن.
سڪندر بخت، ليزا سٿاليڪر، گريگ بليويٽ، مارٽن گپٽل، عامر سهيل ۽ اختر علي خان پڻ هن پئنل ۾ شامل آهن.
ٻئي پاسي اردو ڪمينٽري پئنل ۾ طارق سعيد، شعيب ملڪ، ثنا مير، سلمان بٽ، مرينا اقبال، شاهه فيصل ۽ اياز محمد شامل آهن.
ان کانسواءِ پي ايس ايل 11 جي ميزبانن ۾ ايرن هالينڊ، زينب عباس، جيس ڪرو ۽ سڪندر بخت شامل آهن.
واضح رهي ته پي ايس ايل 11 جي نئين شيڊيول موجب ايونٽ 26 مارچ کان 3 مئي تائين ٻن شهرن ڪراچي ۽ لاهور ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.