نيو يارڪ ايئرپورٽ تي مسافر جهاز ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻه پائلٽ فوت، ڪيترائي زخمي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) نيو يارڪ جي لاگارڊيا ايئرپورٽ جي رن وي تي هڪ مسافر جهاز ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه پائلٽ فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ميڊيا رپورٽن موجب ڪينيڊا جي شهر مونٽريال کان ايندڙ ايئر ڪينيڊا ايڪسپريس جي اڏام رن وي 4 تي هڪ فائر ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.
رپورٽن موجب فائر ٽرڪ کي رن وي 4 پار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ته جيئن اها هڪ يونائيٽيڊ ايئر لائنز جي بوئنگ 737 ميڪس اڏام جي مدد ڪري سگهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جهاز ۾ تقريبن 100 مسافر سوار هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.