لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11 هين ايڊيشن جو نئون شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پي ايس ايل 11 جي نئين شيڊيول موجب، ٽورنامينٽ 2 مارچ کان 3 مئي تائين رڳو ٻن شهرن ڪراچي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي، 39 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ ڪُل 44 ميچون کيڏيون وينديون، جن مان 22 ميچون لاهور ۽ 22 ميچون ڪراچيءَ ۾ ٿينديون.
ايونٽ جي پهرئين مرحلي ۾ 26 مارچ کان 6 اپريل تائين لاهور ۾ ميچون ٿينديون، جڏهن ته ڪراچي ۾ ميچن جي شروعات اٺ اپريل کان ٿيندي.
ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ:لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگز مين جي وچ ۾ لاهور ۾ کيڏي ويندي، پهرين ۽ ٻين ايليمينيٽر جي ميزباني لاهور ڪندو، ڪواليفائر ميچ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته پي ايس ايل 11 جو فائنل به لاهور ۾ ئي ٿيندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته پي ايس ايل 11 پنهنجي مقرر شيڊيول موجب 26 مارچ کان شروع ٿيندي، پر اسٽيڊيم ۾ تماشائين کي نه گهرايو ويندو.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته پي ايس ايل هڪ عالمي برانڊ آهي جنهن ۾ پرڏيهي رانديگر به شامل آهن، ان ڪري ايونٽ کي ملتوي ڪرڻ ممڪن نه هو، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ ڪرڪيٽ جي ڪا ٻي ونڊو (خالي وقت) موجود ناهي.