آمريڪي پاليسيون امن لاءِ خطرو پيدا ڪري سگهن ٿيون: روسي پرڏيهي وزير

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ طاقت جي زور تي معاهدا نٿا مڙهي سگهجن ۽ اهڙي پاليسي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ڪندي.
پنهنجي بيان ۾ سرگئي لاروف چيو ته دنيا تيزي سان طاقت جي قانون ڏانهن واپس وڃي رهي آهي، جتي طاقتور ملڪ پنهنجي مرضي هلائيندا آهن، جڏهن ته ڪمزور ملڪن کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي.
هن چيو ته آمريڪا جي پاليسين ۾ رڳو پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جنهن سبب عالمي توازن متاثر ٿي رهيو آهي، وچ اوڀر جهڙي حساس خطي ۾ زبردستي فيصلا يا معاهدا لاڳو ڪرڻ امن لاءِ خطرو ٿي سگهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا توانائي جا وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ وينزويلا ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ دلچسپي رکي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي يورپ کي سستي توانائي کان محروم ڪيو پيو وڃي، جنهن جا معاشي اثر به سامهون اچي رهيا آهن.
روسي پرڏيهي وزير چيو ته عالمي تڪرارن جو حل طاقت جي استعمال بدران ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڪڍڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.