فيسبُڪ تان جهجهو ناڻو ڪمائڻ جو موقعو، ميٽا جو ٽِڪ ٽاڪرز ۽ يوٽيوبرز لاءِ وڏو اعلان

ميٽا طرفان هڪ نئون پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ٽِڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب تي مشهور يوزرز کي فيسبُڪ ڏانهن آڻڻ آهي.
ان مقصد لاءِ ڪمپني طرفان وڌيڪ آمدني ۽ وڏي انگ ۾ يوزرن تائين رسائي جي آڇ ڪئي ويندي.
”ڪريئيٽر فاسٽ ٽريڪ پروگرام“ تحت ٽِڪ ٽاڪ يا يوٽيوب تي مشهور شخصيتن کي فيسبُڪ تي ماهوار آمدني ۽ وڌيڪ آڊيئنس تائين پهچ فراهم ڪئي ويندي.
جيڪڏهن توهان وٽ انسٽاگرام، ٽِڪ ٽاڪ يا يوٽيوب تي 1 لک فالوورز آهن ته فاسٽ ٽريڪ پروگرام تحت توهان کي ماهوار 1 هزار ڊالر ملندا، جڏهن ته 10 لک کان وڌيڪ فالوورز تي 3 هزار ڊالر ماهوار ادا ڪيا ويندا.
ان لاءِ شرط اِهو آهي ته واهپيدار پنهنجو مواد يا وڊيوز فيسبُڪ تي پوسٽ ڪندو.
هن پروگرام تحت 3 مهينن تائين 1 کان 3 هزار ڊالرز تائين آمدني يقيني بڻائي ويندي، جنهن کانپوءِ ڪريئيٽرز کي فيسبُڪ جي ڪنٽينٽ مونيٽائيزيشن پروگرام تائين پهچ ڏني ويندي، جڏهن ته وڌيڪ واهپيدارن تائين پهچ به جاري رهندي.
هي اعلان ميٽا جي وڌيڪ ماڻهن کي فيسبُڪ تي آڻڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.
ڪمپني موجب، 2025 دوران واهپيدارن کي 3 ارب ڊالر ادا ڪيا ويا، جيڪي 2024 جي ڀيت ۾ 35 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
انهن مان 60 سيڪڙو ادائيگيون ريلز مواد جي مد ۾ ڪيون ويون.
واضح رهي ته سموري دنيا ۾ 3 ارب کان وڌيڪ فيسبُڪ واهپيدار آهن، پر ڪمپني مقبول ڪريئيٽرز جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا.
فاسٽ ٽريڪ پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته واهپيدار 30 ڏينهن اندر گهٽ ۾ گهٽ 15 ريلز شيئر ڪري ۽ وڊيوز گهٽ ۾ گهٽ 10 مختلف ڏينهن تي پوسٽ ڪيون وڃن.
اهو به ضروري ناهي ته مواد رڳو فيس بُڪ لاءِ هجي، پر اهو واهپيدار جو پنهنجو ٺاهيل هئڻ گهرجي، ڀلي اهو آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ئي تيار ڪيو ويو هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.