حڪومت ورلڊ چيمپئن عثمان وزير کي وساري ڇڏيو، شاهد آفريدي جو وڏو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊبليو بي او ورلڊ باڪسنگ چيمپئن عثمان وزير مشهور اداڪارا هانيا عامر کي باڪسنگ جي ٽريننگ ڏيڻ لڳو.
ڀارتي مخالفن کي شڪست ڏئي هيٽرڪ مڪمل ڪندڙ ڊبليو بي او ورلڊ باڪسنگ چيمپئن عثمان وزير چيو آهي ته هو اداڪارا هانيا عامر کي باڪسنگ جي ٽريننگ ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته هانيا عامر بهترين فائٽر آهي، جيڪا جلد فائٽ به کيڏندي.
ان کان کانسواءِ عثمان وزير حڪومت طرفان اعلانيل ادائيگيون نه ملڻ جو شڪايت پڻ ڪيو.
انٽرويو دوران پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر بوم بوم شاهد آفريدي سان رابطو پڻ ٿيو، جنهن ۾ شاهد آفريدي عثمان وزير جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏني.
ان سان گڏ شاهد آفريدي پنهنجي فائونڊيشن تحت عثمان وزير جي مدد جو اعلان پڻ ڪيو ۽ چيو ته عثمان وزير بهترين رانديگر آهي، جيڪو جسماني طور فِٽ ۽ ذهني طور مضبوط آهي، اهڙي ايٿليٽ جي سپورٽ ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.