تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ٽرمپ طرفان ڳالهين جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد توانائي جا اگهه گهٽائڻ ۽ پنهنجي فوجي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي.
ايراني ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه پيون ٿين، خطي جا ڪجهه ملڪ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، علائقائي ملڪن طرفان ڪجهه تجويزون سامهون آيون آهن پر انهن سڀني تجويزن ۽ درخواستن جو رخ واشنگٽن ڏانهن موڙڻ گهرجي، اسان جو جواب واضح آهي ته اسان اها ڌر ناهيون، جنهن اها جنگ شروع ڪئي.
ايراني ميڊيا موجب هڪ سينيئر سيڪيورٽي عهديدار به چيو آهي ته واشنگٽن ۽ تهران ۾ ڪي ڳالهيون نه پيون ٿين.
هن ٽرمپ جي بيان کي نفسياتي جنگ قرار ڏيندي چيو ته ايران جي جوابي حملن جي ڌمڪي آمريڪا کي حملا ملتوي ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
You might also like