دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان جي صاحبزادا فرحان کي پليئر آف دي منٿ قرار ڏئي ڇڏيو.
صاحبزادا فرحان کي فيبروري ۾ غير معمولي ڪارڪردگي تي مهيني جو بهترين پليئر قرار ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 6 اننگز ۾ رڪارڊ 383 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 2 سينچريون پڻ شامل هيون.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پليئر آف دي منٿ ايوارڊ کٽڻ تي صاحبزادا فرحان کي واڌايون ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
محسن نقوي چيو ته صاحبزادا فرحان جو اعزاز پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ فخر آهي، اهو اعزاز سندس محنت ۽ پروفيشنل ائپروچ جو نتيجو آهي، اميد آهي ته هو سٺي ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکندو.
پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ صاحبزادا فرحان پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت سان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندو.
ياد رهي ته انگلينڊ جي وِل جيڪس ۽ آمريڪا جي شيڊلي وين شيلوڪ به پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيا ويا آهن.
You might also like