ايران سان هاڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن، ايرني توانائي مرڪزن تي حملا 5 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران نهايت هاڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته” مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ گذريل 2 ڏينهن دوران هاڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن جو مقصد وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جو مڪمل ۽ حتمي حل ڳولڻ آهي.
ٽرمپ چيو ته انهن گهري، تفصيلي ۽ تعميري ڳالهين کي نظر ۾ رکندي مون جنگ واري کاتي کي هدايت ڏني آهي ته ايران جي بجلي گهرن ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي خلاف ڪنهن به فوجي ڪارروائي کي 5 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي.
آمريڪي صدر چيو ته اهو فيصلو جاري ملاقاتن ۽ ڳالهين جي ڪاميابي سان مشروط هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايراني اختيارين سان ڳالهيون سڄو هفتو جاري رهنديون.
واضح رهي ته ٽرمپ آبناءِ هرمز 48 ڪلاڪن ۾ کولڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
ٽرمپ چيو هو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ آبناءِ هرمز نه کلي ته ايراني پاور پلانٽن تي حملا ڪيا ويندا، ايران کي ڏنل 48 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن اڄ ختم ٿي رهي هئي.
ايران جواب ۾ چيو هو ته حملي جو جواب نار وارن ملڪن جي پاور پلانٽن ۽ پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽن تي حملن سان ڏنو ويندو.
آمريڪي ميڊيا موجب، ٽرمپ جو اهو اعلان آپريشن ايپڪ فيوري جي خاتمي بابت ڳالهين جي پهرين باظابطا تصديق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.