لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر اسرائيلي دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته ” اهڙا اشارا ناهن مليا جن جي بنياد تي اهو چئي يا اندازو لڳائي سگهجي ته ايران برطانيا کي نشانو بڻائي رهيو آهي.“
برطانوي وزير اعظم جو اهو بيان اسرائيلي فوج جي ان دعويٰ کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ” ايران وٽ هاڻي اهڙا ميزائل موجود آهن جيڪي لنڊن، پئرس يا برلن تائين پهچي سگهن ٿا، ۽ لنڊن تائين پهچڻ لاءِ ايراني ميزائل کي اٽڪل 2700 ميل فاصلو طئي ڪرڻو پوندو.“
ان کانپوءِ اهڙيون رپورٽون سامهون آيون ته ايران آمريڪي ۽ برطانوي فوجي اڏي ڊياگو گارشيا تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جيڪو ايران جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري کان لڳ ڀڳ 2350 ميل پري آهي.
ڊياگو گارشيا تي حملي جي ڪوشش کانپوءِ جڏهن اسٽارمر کان پڇيو ويو ته ڇا برطانيا ايراني ميزائلن جي نشاني تي آهي؟
جنهن جي جواب ۾ برطانوي وزيراعظم چيو ته ” حڪومت اسان جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت صورتحال جو جائزو وٺندي رهي ٿي ۽ اهڙو ڪو به ثبوت ناهن مليو جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ته ايران اسان کي نشانو بڻائي رهيو آهي.“
هن ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته برطانوي مفادن ۽ انسانين جانين جو بچاءُ ضروري آهي، پر جنگ ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ.
اسرائيلي دعويٰ رد!لنڊن ميزائلن جي نشاني تي؟ برطانوي وزير اعظم جو ايران بابت وڏو بيان
You might also like