تهران/تل ابيب/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي، جتي ايران طرفان سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجي اڏي ۽ بحرين ۾ آمريڪي بحري ٻيڙن تي حملن جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اتي ايران طرفان به اسرائيل تي ڪلسٽر ميزائلن سان نوان حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي بجلي جي نظام ۽ آبناءِ هرمز بند ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي، خطي ۾ غير يقيني واري صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڪوريا جي ڪرنسي ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سعودي ۾ پرنس سلطان ايئربيس کي نشانو بڻايو آهي: ايران
ختم الانبياءَ هيڊڪوارٽر ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ۾ پرنس سلطان ايئربيس کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ترجمان موجب، پرنس سلطان ايئربيس آمريڪي فوجي سرگرمين جو اهم مرڪز آهي، ايئربيس تي آمريڪي جاسوس جهازن کي بيلسٽڪ ميزائل سان نشانو بڻايو ويو.
ترجمان جو چوڻ هو ته بحرين ۾ به آمريڪي ففٿ فليٽ کي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو.
پاسدارانِ انقلاب علائقي ۾ پاڻي پلانٽن کي نشانو بڻائڻ واري آمريڪي صدر جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو
ايراني پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي صدر جي دعويٰ ڪوڙو آهي ته پاسداران انقلاب خطي جي ملڪن ۾ پاڻي جي پلانٽن تي حملا ڪري ماڻهن کي تڪليف ۾ وجهڻ چاهي ٿو.
بجلي نظام کي نشانو بڻايو ويو ته اسان به توانائي نظام کي نشانو بڻائينداسين: پاسداران انقلاب جو اعلان
ايران جي پاسداران انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن بجلي نظام کي نشانو بڻايو ويو ته اسان به بجلي جي نظام کي نشانو بڻائينداسين، ڪنهن به حملي جو جواب ساڳئي سطح تي ڏنو ويندو.
پاسدارانِ انقلاب موجب، جيڪڏهن ايراني پاور پلانٽن تي حملو ٿيو ته اسرائيلي بجلي گهرن سميت آمريڪي اڏن کي بجلي فراهم ڪندڙ پاور پلانٽن کي نشانو بڻايو ويندو.
ايران جنگ جا اثر، ڏکڻ ڪوريا جي ڪرنسي ڊالر جي ڀيٽ ۾ 17 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي
مارڪيٽ ۾ غير يقيني واري صورتحال سبب ڏکڻ ڪورين وون جو قدر تيزيءَ سان ڪِري پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ ڊالر 1510 وون جو ٿي ويو، ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ ڪورين ڪرنسي 2009 کانپوءِ گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي.
فرانسيسي صدر پاران سعودي تي ايراني حملن جي مذمت
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان فرانسيسي صدر جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، .
فرانسيسي صدر سعودي عرب جي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ سعودي قدمن جي حمايت جو عزم ورجايو.
برطانوي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر جي ڳالهه ٻولهه، آبناءِ هرمز کولڻ تي ڳالهه
برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو ڪيو آهي.
ڊائوننگ اسٽريٽ موجب. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي ويچار ونڊيا، عالمي شپنگ ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ آبناءِ هرمز کولڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تي جا اگهه چڙهي ويا
عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچي تيل جي قيمت 113 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي، جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل جي اگهه ۾ به 100 ڊالر في بيرل واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ايران جو ڪلسٽر وار هيڊز وارن ميزائلن سان اسرائيل تي نئون حملو، گاڏين ۽ گهرن کي نقصان
ايران ميزائل مقبوضه بيت المقدس ۽ اولهه ڪناري ڏانهن فائر ڪيا، اسرائيلي ميڊيا موجب ايراني ميزائل رهائشي علائقن ۾ ڪريا، گاڏين ۽ گهرن کي نقصان پهتو. اسرائيلي دفاعي نظام ايراني ميزائلن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو.
ايران جي آمريڪا کي وارننگ، آبناءِ هرمز مڪمل طور بند ڪرڻ جو اعلان
پاسدارانِ انقلاب آمريڪا ۽ اسرائيل کي واضح پيغام ڏنو آهي ته پاور پلانٽن تي حملي جي صورت ۾ آبناءِ هرمز مڪمل طور بند ڪيو ويندو.