تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اسلامي ۽ پاڙيسري ملڪن جي نالي پيغام جاري ڪيو آهي.
پنهنجي پيغام ۾ ايراني صدر چيو ته توهان اسان جا ڀائر آهيو، اسان جي وچ ۾ ڪو سنگين تڪرار ناهي، اختلافن مان رڳو صيهوني رياست ئي فائدو کڻندي آهي.
هن چيو الله اسان کي طاقت ۽ اتحاد عطا فرمائي ته جيئن پاڻ سڳورن صه جن جي تعليمن موجب عمل ڪري سگهون.
You might also like