سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو دائمي چيلهه جي سور جو شڪار آهن ۽ هڪ نئين طبي محقيق ۾ ان مسئلي کي وٽامن ڊي جي کوٽ سان جوڙيو ويو آهي.
ماهرن موجب جسم ۾ وٽامن ڊي جي گهٽ سطح نه رڳو هڏن کي ڪمزور ڪري ٿي پر چيلهه جي سور جي شدت ۾ به واڌ ڪري سگهي ٿي.
طبي رسالي ”ڪيوريئس جرنل آف ميڊيڪل سائنسز“ ۾ ڇپيل هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جن ماڻهن ۾ وٽامن ڊي جي گهڻي کوٽ هئي، انهن جي چيلهه جي هيٺئين حصي ۾ سور جي شدت وڌيڪ ڏٺي وئي.
وٽامن ڊي کي ڪيئن بهتر بڻائجي؟
ماهرن موجب روز مناسب اُس وٺڻ، مڇي، بيضي ۽ فوٽيفائيڊ کير جهڙين غذائن جي استعمال سان وٽامن ڊي جي کوٽ ختم ڪري سگهجي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چيلهه جو سور گهڻي عرصي تائين برقرار رهي ته وٽامن ڊي جي سطح چيڪ ڪرائڻ ضروري آهي، وٽامن ڊي جي کوٽ کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي پر وقت سر سڃاڻپ ۽ احتياطي قدمن سان دائمي چيلهه جي سور جي خطري کي گهٽائي سگهجي ٿو.
You might also like