پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن چيو آهي ته پاڪستان ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي غير معمولي ٻاهرين مداخلت ۽ دٻاءَ ڪم ڏکيو بڻائي ڇڏيو هو.
هڪ انٽرويو ۾ گيري ڪرسٽن چيو ته ڪوچ لاءِ ان وقت اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، جڏهن ٻاهران مسلسل گوڙ ۽ دٻاءُ موجود هجي، اهڙي ماحول ۾ رانديگرن سان واضح حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويندو آهي.
هن چيو ته ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي سخت ردعمل ۽ ڪارروائي مجموعي ماحول کي متاثر ڪندا آهن ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ٽيم اميدن تي پوري ناهي لهندي ته ڪوچ کي محدود ڪرڻ يا ان کي تبديل ڪرڻ آسان سمجهيو ويندو آهي پر اهو رويو فائديمند ثابت ناهي ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪوچ کي ذميواري ڏني وڃي ته ان کي پنهنجي حڪمت عملي موجب ڪم ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏيڻ گهرجي.
You might also like