سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪيتري ڪٽوتي ٿيندي؟ تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي جو باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 2 ڏينهن جي پگهار ڪٽي ويندي.
پنجاب جي ناڻي کاتي سرڪاري آفيسرن ۽ سياسي شخصيتن جي پگهارن مان ڪٽوتي جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن تحت گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي سمورن آفيسرن جي 2 ڏينهن جي پگهار ڪٽي ويندي، جيڪا وفاقي حڪومت جي ايمرجنسي فنڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب، صوبائي وزيرن، خصوصي مددگارن ۽ پارلياماني سيڪريٽريز جي 2 مهينن جي مڪمل پگهار ڪٽي ويندي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۾ 2 مهينن لاءِ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ڪابينا ڊويزن اڳ ئي ملڪ ۾ بچت پاليسي ۽ ٻارڻ جي بچت بابت قدمکڻڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سرڪاري ادارن ۽ ريگيوليٽري اٿارٽيز جي اعليٰ عملدارن جي پگهارن مان به 2 مهينن لاءِ ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پگهارن ۾ سليب وار ڪٽوتي ڪئي ويندي:
3 کان 10 لک رپين تائين پگهار تي 5 سيڪڙو،10 کان 20 لک تي 15 سيڪڙو،20 کان 30 لک تي 25 سيڪڙو،۽ 30 لک کان وڌيڪ پگهار تي 30 سيڪڙو ڪٽوتي لاڳو ٿيندي.
ان کانسواءِ سرڪاري ۽ خانگي ڪمپنين جي بورڊز ۾ شامل حڪومتي ميمبرن جي فيس ۾ 100 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي ۽ اها رقم ”وزيراعظم آسٽيريٽي فنڊ 2026“ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.