فوجي اڏن جي استعمال جي اجازت وارو مامرو، ايران برطانيا کي خبردار ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن برطانيا آمريڪا کي پنهنجا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته ان کي ”اڳرائي ۾ شموليت“ سمجهيو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايراني پرڏيهي وزير جي بيان کانپوءِ هاڻي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جو ردعمل سامهون آيو آهي.
وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ آهي ته برطانيا آمريڪا کي پنهنجا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ته ڏني آهي، پر رڳو ايران جي ميزائل سائيٽن تي ”دفاعي“ حملن لاءِ.
وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته برطانيا عراق ۾ ٿيل غلطين مان سبق سکيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري هو ايران تي شروعاتي حملن ۾ شامل نه هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.