اسرائيلي حملن کانپوءِ شامي صدر جو ردعمل اچي ويو

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي صدر احمد الشرع چيو آهي ته هو خطي جي هن نازڪ صورتحال ۾ انتهائي احتياط کان ڪم وٺي رهيو آهي ۽ شام کي ڪنهن به تڪرار کان پري رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
عيد جي نماز کانپوءِ صدارتي محل مان خطاب ڪندي هن چيو ته شام ”عرب ملڪن سان گڏ بيٺل آهي “
هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪو ڪجهه هن وقت ٿي رهيو آهي اهو خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اهڙي صورتحال ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي آهي“
ان کان اڳ اسرائيلي ڊفينس فورسز چيو هو ته هن رات دوران ڏکڻ شام ۾ هدفن کي نشانو بڻايو آهي.
آءِ ڊي ايف موجب، اهي حملا ”السويدا ۾ دروز آبادي تي حملن“ جي جواب ۾ ڪيا ويا، جيڪو ڏکڻ شام جو هڪ شهر آهي.
واضح رهي ته دروز هڪ عربي ڳالهائيندڙ نسلي ۽ مذهبي اقليت آهن، جيڪي شام، لبنان، اسرائيل ۽ والاريل اسرائيل جي گولان جي ٽڪرين ۾ رهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.