خطرناڪ فوجي مشقون: اتر ڪوريا جي سربراهه جو دشمنن لاءِ وڏو اشارو، ڌيءُ کي جنگي ٽينڪ جي ڪمانڊ سونپي ڇڏيائين

پئيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن جي ڌيءُ ڪم جو اي کي فوجي مشق دوران ٽينڪ هلائيندي ڏٺو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اٽڪل تيرنهن ورهين جي ڪم جو اي ويجهڙائي وارن مهينن دوران پنهنجي پيءُ سان گڏ مختلف عوامي ۽ فوجي تقريبن ۾ باقاعدگي سان نظر اچي رهي آهي.
ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا طرفان جاري ڪيل تصويرن ۾ ڪم جو اي ٽينڪ جي ڊرائيو ڪندي نظر آئي.
هي منظر هڪ وڏي فوجي مشق دوران سامهون آيو، جتي ڪم جونگ اُن پڻ موجود هو، تصويرن ۾ ڪم جو اي ٽينڪ جي برج سان گڏ بيٺل آهي جڏهن ته ٽي فوجي آفيسر ٽينڪ تي سوار آهن.
رپورٽ موجب، ڪم جونگ اُن هڪ نئين طرز جي ٽينڪ جي مشق جي نگراني ڪري رهيو هو، جيڪا ڊرونز ۽ اينٽي ٽينڪ ميزائلن خلاف وڌيڪ بهتر جارحاڻيون ۽ دفاعي صلاحيتون رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.